لاهور(م ڊ) پنجاب جي ٽن دريائن راوي، چناب ۽ ستلج تباهي آڻي ڇڏي، دريائن جي ڪنارن تي آباد وسنديون ۽ فصل ٻڏي ويا آهن. لاهور جي علائقن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو. قصور ۽ جهنگ ٻڏڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. فوتگين جو انگ 28 کان وڌي ويو آهي. حڪومت پاران فوت ٿيلن جي وارثن لاءِ 20، 20 لک رپين جي امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي. تريمون هيڊ ورڪس تي پاڻي جو دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ جھنگ جي ريواز برج ڀرسان ڌماڪو ڪري بند ۾ کنڊ هنيو ويو آهي. لاهور جي ڪيترن ئي آبادين ۾ راوي جو پاڻي داخل ٿي ويو، جنهن ۾ باره دري، ٺوڪر نياز بيگ، بادامي باغ، چوهنگ، بابو صابو، رنگيل پور ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي اچي ويو. چوهنگ ويجهو قائم نجي هائوسنگ سوسائٽي ۾ به راوي جو پاڻي داخل ٿي ويو، بابو صابو انٽر چينج ڀرسان وسنديون پاڻي ۾ ٻڏي ويون، ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي موٽر وي جي ڪنارن تي منتقل ٿي ويا۔ انهن متاثر ماڻهن جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي مدد پاڻ تحت محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيا آهن. چنيوٽ ۾ ٻوڏ سبب 100 ڳوٺ ٻڏي ويا. سرگوڌا جي ڪوٽ مومن علائقي ۾ 40 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻوڏ سبب متاثر ٿيا، چناب جي ٻوڏ حافظ آباد جي ڪيترن ئي ڳوٺن کي پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيو، درجنين ڳوٺن جو زميني رابطو شهر سان ڪٽجي ويو.عارف والا ۾ بند ٽٽڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا، بهاول نگر ۾ درياهه جي پٽي سان لاڳاپيل 104 ڳوٺ ٻوڏ جي لپيٽ ۾ اچي ويا.راجن پور جي ڊپٽي ڪمشنر شفقت الله مشتاق جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه سنڌ ۾ انتهائي اونچي سطح جي ٻوڏ جو خطرو آهي. درياهه سنڌ ڀرسان فلڊ رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. ملتان ۾ درياهه چناب جو خطرناڪ ريلو ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ شهر جي حدن ۾ داخل ٿي سگهي ٿو، شهرين کي بچائڻ لاءِ هيڊ محمد والا تي بند ۾ کنڊ لڳائڻ وجهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. چناب درياهه جو پاڻي جهنگ شهر ڏانهن وڌڻ لڳو ، جهنگ شهر کي بچائڻ لاءِ ريلوي ٽريڪ کي ڌماڪي سان اڏايو ويو. صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي ) جو چوڻ آهي ته چناب درياهه ۾ غير معمولي ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي ۽ جھنگ شهر کي بچائڻ لاءِ قديمي ريواض پُل کان ڪجهه مفاصلي تي ريلوي بند کي ڌماڪي سان اُڏايو ويو آهي. چناب درياهه ۾ ۾ هن وقت وڏو ٻوڏ وهڪرو چنيوٽ ۾ موجود آهي ۽ ڪجهه دير اڳ اتان کان اَٺ لک ٻاونجاهه هزار ڪيوسڪ پاڻي گذري رهيو هو. پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته بند کي گهارو پاڻي جي شدت کي گهٽائڻ لاءِ هنيو ويو آهي، جيئن ان جي رستي ۾ ايندڙ جھنگ شهر کي ٻوڏ کان بچائي سگهجي.چناب درياهه ۾ ۾ هن وقت وڏو ٻوڏ وهڪرو چنيوٽ ۾ موجود آهي ۽ ڪجهه دير اڳ اتان کان اَٺ لک ٻاونجاهه هزار ڪيوسڪ پاڻي گذري رهيو هو. پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته بند کي گهارو پاڻي جي شدت کي گهٽائڻ لاءِ هنيو ويو آهي، جيئن ان جي رستي ۾ ايندڙ جھنگ شهر کي ٻوڏ کان بچائي سگهجي