ڊجيٽل ۽ ورچوئل اثاثن جو معاملو فوري ڌيان طلب آهي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جنيد غفار چيو آهي ته ڊجيٽل اثاثن جو معاملو فوري ڌيان طلب آهي، ڇو ته ڪرپٽو ڪرنسي ۽ ورچوئل اثاثا ماڻهن لاءِ هڪ نئون موضوع آهن. هن ٻڌايو ته ايف آءِ اي آن لائين بزنس جي حوالي سان ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا آهن، جڏهن ته عدالتن ۾ به غيرقانوني طريقي سان منتقل ٿيندڙ اثاثن جا ڪيس اچي رهيا آهن، تنهنڪري ججن جي جديد ٽريننگ لازمي آهي. سنڌ جڊيشل اڪيڊمي ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته ڪرپٽو ڪرنسي ۽ بلاڪ چين بابت قانون سازي باوجود حڪومت کي خدشا آهن. اسٽيٽ بئنڪ ڪرپٽو ۽ ڊيجيٽل ڪرنسي تي پابندي برقرار رکي آهي ۽ حڪومت هن پابندي ختم ڪرڻ بابت اڃا به خدشن جو شڪار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.