پنهنجي فوج تي تنقيد ڪرڻ تي ٿائي وزيراعظم برطرف

بنڪاڪ (م ڊ) ٿائي لينڊ جي آئيني عدالت قومي مفاد بدران ذاتي مفاد کي ترجيح ڏيڻ جي الزام هيٺ وزيراعظم پيتونگاترن شيناواترا کي عهدو ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هوءَ رڳو هڪ سال ئي اقتدار ۾ رهي، جڏهن ته اهو فيصلو شيناواترا خاندان لاءِ هڪ ٻيو وڏو سياسي ڌچڪو قرار ڏنو پيو وڃي. عدالت ڇهه-ٽِن جي اڪثريت سان فيصلو ڪندي چيو ته پيتونگاترن جون ڳجهيون ڪالون قومي وقار کي نقصان پهچائڻ جو سبب بڻيون، جن ۾ هوءَ ڪيمبوڊيا جي اڳوڻي اڳواڻ هُن سين جي موقف کي تسليم ڪندي نظر آئي هئي، جڏهن ٻنهي ملڪن ۾ سرحدي ڇڪتاڻ موجود هئي. عدالتي فيصلي بعد نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ پارليامينٽ جو عمل شروع ٿيندو، پر حڪمران پهيئو ٿائي پارٽي جي ڪمزور اڪثريت سبب اتحادي سياست ۾ ڏکيائيون آهن. نائب وزيراعظم فهومتھم ويچائچائي ۽ موجوده ڪابينا نگران طور ڪم ڪندا، جيستائين نئون وزيراعظم مقرر نه ٿو ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.