ميرپورخاص(بيورورپورٽ) عمرڪوٽ جي رهواسي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي ميرپورخاص پوليس پاران جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪرڻ واري هاءِ پروفائل ڪيس جي ٻڌڻي ڪالهھ دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٿي عدالت پاران گذريل ٻڌڻي تي اشتهاري قرار ڏنل 04 جوابدارن اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي، عمرڪوٽ جي سب انسپيڪٽر عبدالستار سمون، پوليس اهلڪارن محمد صديق ۽ لکمير جي عدم گرفتاري ۽ عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران اشتهاري قرار ڏنل چئني جوابدارن جا شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ، سندن بئنڪ اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ ۽ جائيداد ضبط ڪرڻ جو حُڪم ٻڌايو آهي جڏهن ته اشتهاري قرار ڏنل جوابدارن جا اشتهار اخبارن ۾ شايع ڪرڻ جون هدايتون ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 15 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ٻاهران فريادي ڌر جي وڪيل اعجاز هاليپوٽو ۽ فريادي وڪيل ابراهيم ڪنڀر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٻڌڻي دوران عدالت پاران اشتهاري جوابدارن جي حوالي سان ايف آءِ کان آگاهي وٺڻ دوران ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر ٻڌايو ته اشتهاري قرار ڏنل چئني جوابدارن جا اشتهار ۽ ڦوٽو لاڳاپيل شهرن جي مُک علائقن ديوارن تي لڳايا ويا آهن جڏهن ته اڳوڻي ايس ايس پي ميرپورخاص اسد چوڌري جي حوالي سان اسلام آباد جي لاڳاپيل ايس ايس پي جاچ سان ڳالھ ٿي آهي جنهن ٻڌايو آهي ته جوابدار هاڻ ڄاڻايل ايڊريس تي نه ٿو رهي هو سنڌ ۾ منتقل ٿي ويو آهي جڏهن ته اسلام آباد جي لاڳاپيل ايس ايڇ او جو بيان رڪارد نه ٿي سگھيو آهي عدالت کي گذارش آهي ته سندس بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ ويڊيو لنڪ ذريعي بيان حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي جنهن تي عدالت کين اهڙي اجازت لکت ۾ گھرڻ جو چيو ويو آهي جڏهن ته عدالت پاران اشتهاري قرار ڏنل چئني جوابدارن جا اشتهار اخبار ۾ شائع ڪرڻ جو پڻ حُڪم ڏنو آهي، هن چيو ته اڳوڻي ايس ايس پي اسد چوڌري کي نوٽيسن جي تعميل نه ٿيڻ ۽ سندس هٿ نه اچڻ جي حوالي سان اسلام آباد جي لاڳاپيل ايس ايڇ او جو بيان رڪارڊ ٿيڻ ۽ قانوني گھرجون پوريون ٿيڻ بعد عدالت پاران اڳوڻي ايس ايس پي اسد چوڌري کي به اشتهاري قرار ڏنو ويندو هنن وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار ڌر پاران گرفتار جوابدارن جي ضمانتن، ڪيس دهشتگردي جي انت واري عدالت بدران عام عدالت ۾ هلائڻ وارين درخواستن سميت حفاظتي ضمانتن تي آزاد ٿيل جوابدارن جي ضمانتن جي حوالي سان 15 سيپٽمبر واري ٻڌڻي تي بعث ٿيندو جنهن لاءِ عدالت جوابدار ۽ فريادي ڌر جي وڪيلن کي تياري ڪري اچڻ جون پڻ هدايتون جاري ڪيون آهن