کنڊ وڌيڪ مهانگي، ڪراچي جا شهري اضافي پئسا ڀرڻ تي مجبور

اسلام آباد(م ڊ) حڪومتي قدمن، دعوائن ۽ اعلانن باوجود صورتحال بهتر نه ٿي سگهي، ملڪ ۾ کنڊ وڌيڪ مهانگي ٿي وئي، سراسري قيمت سرڪاري ريٽ کان هيٺ نه اچي سگهي، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ قيمت 195 رپيا في ڪلو تي برقرار آهي، وفاقي اداري شماريات کنڊ جي قيمتن بابت نوان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، ملڪ ۾ کنڊ جي وڌ ۾ وڌ قيمت 195 رپيا في ڪلو تي قائم آهي، جڏهن ته ڪراچي جا شهري ملڪ ۾ سڀ کان مهانگي 195 رپيا في ڪلو تائين کنڊ خريدڻ تي مجبور آهن، ملڪ ۾ هڪ هفتي دوران کنڊ جي سراسري قيمت  ۾ 25 پيسا في ڪلو اضافو ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ سراسري قيمت وڌي 181 رپيا 59 پيسا في ڪلو ٿي وئي، گذريل هفتي تائين سراسري قيمت 181 رپيا 34 پيسا في ڪلو هئي، هڪ سال اڳ ملڪ ۾ کنڊ جي سراسري قيمت 143 رپيا 9 پيسا في ڪلو هئي، جڏهن ته پنجاب ۾ وڌ ۾ وڌ قيمت 190 رپيا في ڪلو تائين آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.