پنوعاقل (رپورٽ: ارشاد رستم انڍڙ ) پني عاقل ڀرسان ڪچي واري علائقي گودپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڳوٺ ڄام شھمير چاچڙ ۾ لوڊو جي راند کيڏڻ تان ڳوٺاڻن وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي ۾ فائرنگ سبب ٽن ورھين جي معصوم ٻارڙي سوني عرف شبيران کي گولي لڳي وئي جنهن کي علاج لاءِ پني عاقل جي تعلقي اسپتال آندو ويو جتان طبي امداد بعد زخمي ٻارڙي کي وڌيڪ علاج لاءِ سکر جي اسپتال ريفر ڪيو ويو جتي معصوم ٻارڙي فوت ٿي وئي زخمي ٿي سکر ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي وارثن موجب لُڊو ۾ معمولي ڳالھه تان جھيڙي ۾ سئوٽن فائرنگ ڪري ڏني، جنھن ۾ گولي لڳڻ سبب ٻارڙي قتل ٿي وئي.