سڪرنڊ (ن ع آ) صدر سيد زين شاھه تعلقي مورو جي اڳواڻ ياسين سومرو جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪندي فوري طور تي آزاد ٿيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، پنهنجي جاري مذمتي بيان ۾ هن چيو آهي ته سنڌ حڪومت سياسي انتقام ۾ انڌي بڻيل آهي، گرفتارين سان ايس يو پي جي مورو مارچ کي روڪي نٿو سگهجي، هن چيو ته هو سنڌ حڪومت کي چتاءُ ڏئي ٿو ته اسان جي گرفتار ٿيل اڳواڻ کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. سيد زين شاهه چيو ته حڪومت مورو مارچ ۾ رڪاوٽ وجهڻ کان پاسو ڪري، ايس يو پي هر صورت ۾ مورو ۾ مارچ ڪندي. هن چيو ته گرفتاري ايس يو پي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي طاقت جي زور تي دٻائڻ جي ڪوشش آهي. ٿاڦيل حڪومت سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن جي آواز کي خاموش ڪرڻ چاهي ٿي. پيپلز پارٽي سنڌ ۾ انارڪي ۽ سياسي ڇڪتاڻ جو ماحول پيدا ڪري رهي آهي. اعليٰ حڪمت عملي سان ايس يو پي عوام جي جائز حقن، مطالبن ۽ موقف کان دستبردار نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته ياسين سومرو کي ڪهڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ته وضاحت پيش ڪئي وڃي ۽ ياسين سومرو کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.