ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ هن سال ٽريفڪ حادثن ۾ فوت ٿيندڙن ۾ سڀ کان وڌيڪ تعداد موٽر سائيڪل سوارن جي آهي، ڪراچي ٽريفڪ پوليس موجب شهر ۾ هن سال ٿيل 543 ٽريفڪ حادثن ۾ هيل تائين 581 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جن مان 50.77 سيڪڙو موٽر سائيڪل سوار آهن، جن جو انگ 295 آهي، ٽريفڪ حادثن ۾ 34.25 سيڪڙو پيادل فوت ٿيا جن جو انگ 199 آهي، جڏهن ته ٻين حادثن ۾ فوت ٿيلن جو انگ 87 آهي، جيڪو 14.97 سيڪڙو آهي، ڪراچي روڊ ايڪسيڊنٽ اينالسس ٽيم (KRAAT) جي رڪارڊ موجب هن سال شهر ۾ ٿيل ٽريفڪ حادثن ۾ ٽرڪ جي ٽڪر سبب 61 حادثا ٿيا، جن ۾ 62 ماڻهو فوت ٿيا، جيڪي مجموعي ٽريفڪ حادثن ۾ فوت ٿيندڙن جو 11.21 سيڪڙو آهن، شهر ۾ ٽرالر جي ٽڪر سبب 52 حادثن ۾ 59 ماڻهو فوت ٿيا، جيڪي مجموعي فوتين جو 9.56 سيڪڙو آهن، واٽر ٽينڪر جي ٽڪر سان ٿيل 47 حادثن ۾ 54 ماڻهو فوت ٿيا، جيڪي 8.64 سيڪڙو آهن، جڏهن ته ڊمپر جي ٽڪر سان ٿيل 22 حادثن ۾ 30 ماڻهو فوت ٿيا، جيڪي هلاكتن جو 4.04 سيڪڙو آهن، ڪراچي ٽريفڪ پوليس موجب ڪار جي ٽڪر سان ٿيل 61 حادثن ۾ 67 ماڻهو فوت ٿيا، جيڪو 11.21 سيڪڙو آهن، موٽر سائيڪل جي ٽڪر سان ٿيل 92 حادثن ۾ 92 ماڻهو فوت ٿيا، جيڪي 16.91 سيڪڙو آهن، جڏهن ته بس جي ٽڪر سان ٿيل 29 حادثن ۾ 34 ماڻهو فوت ٿيا، جيڪي 5.33 سيڪڙو آهن، مني بس جي ٽڪر سان ٿيل 13 حادثن ۾ 16 ماڻهو فوت ٿيا، جڏهن ته ڪوچن جي ٽڪر سان ٿيل 7 حادثن ۾ 8 ماڻهو فوت ٿيا.