سکر،گهوٽڪي ۽ خيرپور جي ڪچي ۾ ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ

سکر(رپورٽ: سيد نعيم شاھ) سکر، گهوٽڪي ۽ خيرپور سميت سکر ريجن جا ڪيترائي ڪچي وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن پر انتظاميه اڃا تائين ڪي به عملي قدم کڻڻ ۾ ناڪام رهي آهي جنهن ڪري ڪچي واسي سخت پريشان ٿي ويا آهن ۽ سندن سار سنڀال لهڻ وارو به ڪوئي ناهي مقامي ماڻهن سوال اٿاريو آهي ته آخر ڪمشنر توڙي ڊپٽي ڪمشنرز جو ڪم ڇا آهي؟ ڇا رڳو فوٽو سيشن ڪرائڻ ۽ آفيس ۾ ويهڻ ئي انهن جو ڪم آهي؟علائقائي ماڻهن شڪايت ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت پاران ڪافي فنڊ رکيا ويندا آهن، پر نه ضلعي انتظاميه عملي قدم کڻي ٿي ۽ نه ئي آبپاشي کاتو ذميواري سان ڪم ڪري ٿو ماڻهن الزام لڳايو آهي ته آبپاشي عملدار بندن جي مرمت ۽ حفاظتي ڪم جي نالي تي فنڊ هڙپ ڪندا آهن، جڏهن ته واهن مان نڪتل مٽي به پرائيويٽ ماڻهن کي وڪرو ڪئي ويندي آهي شهرين چيو ته پنجاب ۾ تباهي کان پوءِ سنڌ ۾ به اهڙي خطري کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي،ٻئي پاسي سکر،خيرپور گهوٽڪي جي ڪچي ۾ پاڻي پڻ داخل ٿي ويو آهي پر ڪچي وارن جي سار سنڀال لهن وارو ڪوبه ناهي ۽ ڪچي واسي پنهنجي مدد پاڻ تحت بچا بند ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن ۽ پاڻي سبب ڪچي وارن علائقن ۾ مختلف خطرناڪ بيمارين منهن ڪڍيو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.