پاڻي معاملن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت وٽ تياري ۽ حڪمت عملي جي اڻهوند

اسلام آباد  (امتياز گل) سنڌ ۾ 33 لک ايڪڙ ايراضي آهي جيڪا درياهه جي ريور زوننگ ۾ حددخليون ٿي چڪيون آهن، هائوسنگ سوسائٽيون، فارم هائوس ٺهيل آهن، رهائشي اسڪيمون ٺهيل آهن. ڇا رڳو قدرتي آفت آهي يا اهي ماڻهو به ان جا ذميوار آهن؟ شهباز شريف اهو به چيو ته اسان 2022 جي ٻوڏ مان ڪجهه پرايو ناهي، 2022 جي ٻوڏ کانپوءِ پيپلزپارٽي کي سنڌ لاءِ ڪيترائي ملين ڊالر مليا هئا. ائين لڳي ٿو ته پاڪستان ان مان متاثر ٿيو آهي جيڪو نومبر 2022 ۾ جنيوا ۾ وڏي ڪانفرنس به ڪرائي ته اتي به ڪجهه سئو ملين ڊالر ملڻ جا واعدا ٿيا پر ان کان اڳتي نه وڌي سگهيا. ائين لڳي ٿو ته ٻاهريان ماڻهو به ڏسي ڏسي ٿڪجي پيا آهن ته هي ماڻهو تقريرون گهڻيون ڪن ٿا ۽ ڪم گهٽ ڪم ڪن ٿا، ان لاءِ کين پيسا ڏيڻ جو مطلب کوهه ۾ اڇلائڻ برابر آهي. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري به نٿي اچي. انجنيئر ۽ ماحولياتي ماهر جنيد ارشد عباسي خبردار ڪيو ته چناب درياهه تي ڀارت پاران پاڻي روڪڻ سان پاڪستان لاءِ ٻٽي ڏکيائي آهي، هڪ پاسي جڏهن ضرورت هجي ٿي ته پاڻي نٿو ملي، ۽ ٻئي پاسي جڏهن ضرورت ناهي تڏهن اوچتو درياهه ۾ ٻوڏ اچي تباهي مچائي ٿي. ان حوالي سان اسان ڪجهه ڌرين کي خط به لکيا هئا ته پر حڪومت طرفان ڪو تحرڪ نه ورتو ويو. هِماچل پرديش ۽ ڄمون ڪشمير ۾ غيرمعمولي برساتن سان گڏ وڏي پيماني تي ٻيلن جي ڪٽائي، فوجي تعميراتي سرگرمين ۽ ماحولياتي تباهي سبب درياهن جي پاڻي کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت گهٽجي وئي آهي، جنهن ڪري هاڻي ٻوڏون وڌي ويون آهن. ڀارت ڊيمن ذريعي پاڻي کي منوپليٽ ڪري رهيو آهي، جيڪو عالمي قانونن مطابق جنگي ڏوهه آهي. پاڪستان کي انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرڻ گهرجي، پر حڪومت وٽ ڪا تياري يا حڪمت عملي نظر نٿي اچي. هن چيو ته 2014 کان وٺي وري وري خبردار ڪيو پيو وڃي ته درياهن ۾ غيرقانوني اڏاوتون ختم نه ڪيون ويون ته تباهين کي روڪي نٿو سگهجي. ملڪ جو وزيراعظم شهباز شريف پاڻ چئي رهيو آهي ته ٻوڏن تي ڪم ناهي ٿيو ۽ چناب درياهه ۾ جيتريون حددخليون آهن اهي وزيرعليٰ کي ڏسڻ گهرجن. هاڻي هي چوندا ته اهو موسمي تبديلي جي ڪري ٿي رهيو آهي، موسمي تبديلي ته 60ع کان چئي پئي وڃي. ملڪ ۾ ٻوڏن کي روڪڻ لاءِ 500 کان 600 بلين رپيا خرچ ٿيا پر نتيجا ٻڙي آهن، ڇو ته بند، ريٽيننگ وال ۽ ڊائيورشن پراڻن ۽ ناقص ڊيزائنن سان ٺاهيا ويا. حڪومت سنجيده ٿي درياهن جي زوننگ، ٻيلن جي بحالي ۽ عالمي فورمن تي قانوني ڪارروائي لاءِ قدم کڻي، ٻي صورت ۾ هر سال ٻوڏ وڏيون تباهيون آڻيندي رهندي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، جمعو 29 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.