سنڌ ۾ تبديلي نه آئي،ڪامورن جو معيار ڪري پيو آهي:مهتاب اڪبر راشدي

ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي بيوروڪريٽ، پاڪستان پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر، ڇهن ڪتابن جي ليکڪا، ريڊيو جي صداڪاره  مهتاب اڪبر راشدي چيو آهي ته  پ پ ۾ آهيان پر ڪو خاص ڪم مليل نه آهي شايد اهي سمجهن ٿا ته مون کي ڪجهه به نه ٿو اچي،مون پارٽي ۾ چيو هو ته تعليم،صحت ۽ پوليس جي شعبن کي ميرٽ تي هلايو،هن چيو ته تبديلي نه آئي،ائين ٿو ته طاقتون تبديلي آڻڻ ئي نٿيون چاهين، اسان جي دور جا ڪامورا وري به وزيرن کي جواب ڏيندا هئا،انڪار ڪندا هئا،مان پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي وزيرن کي جواب ڏنا هئا،پر هاڻي ڪامورا ردي ٿي ويا آهن،هن اها ڳالهه رائٽرز اينڊ ريڊرز ڪيفي پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي پاران ” ڪجهه ناهي بدليو” جي عنوان هيٺ  سان جوش مليح آبادي لائبريري ۾ ساڻس ملهايل شام ۾ ڳالهائيندي ڪئي، هن چيو ته اڪبر راشدي کي پهريون ڀيرو سامهون ڏٺو ته موهي وڌو هو. اسان جي محبتن جا يونيورسٽي ۾ قصا هيڏي هوڏي ٿيڻ لڳا، حسام الدين راشدي اڪبر راشدي سان شادي ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. شادي ۾ شهيد بينظير ڀٽو سميت اديب، شاعر ۽ ليکڪ آيا هئا. هن چيو ته  بابا پنهنجي ڌيئرن کي وڌيڪ تعليم ڏيارڻ لاءِ لاڙڪاڻي کان حيدرآباد رهائش اختيار ڪئي اُن وقت مان ٻيو درجو پڙهندي هيس، منهنجي زندگي کي رخ ڏيندڙ زبيده ڪاليج هو جتان مان تعليم پرائي هئي. هن وڌيڪ چيو ته والدين جي خواهش هئي ته ڊاڪٽرياڻي ٿيان پر انهن جو خواب پورو ڪري نه سگهيس مون کي به ڊاڪٽرياڻي ٿيڻ جو شوق نه هو پر ماسترياڻي ٿيڻ زندگي جي خواهش هئي. مھتاب راشدي چيو ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پهرئين آڊيشن ۾ فيل ٿي وئي هيس اُن بعد ٻيهر ڏنو ته فيل ٿيس، ٽئين آڊيشن ۾ پاس ٿيس، يارهن سالن جي عمر ۾ ريڊيو تي آيس، جڏهن ته تقريب جي ڪارروائي نورالهديٰ شاهه هلائي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.