سکر/ڪوٽڙي (نمائندا)صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ فلڊ ڪميٽي جي رڪن، صوبائي وزير توانائي سيد ناصر حسين شاهه، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کیڙوسان گڏجي سکر بئراج جو دورو ڪيو ۽ موجوده ٻوڏ واري صورتحال بابت انتظامن جو جائزو ورتو ۽ بعد ۾ سکر بئراج تي صوبائي وزيرن جام خان شورو ۽ سيد ناصر حسين شاهه گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پنجاب ۾ ٻوڏ وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ هاڻي ان جو رخ سنڌ ڏانهن آهي، پر سنڌ حڪومت مڪمل طور تي صورتحال تي نظر رکي بيٺي آهي ۽ سڀ ضروري قدم کنيا ويا آهن، جڏهن ته بندن تي آبپاشي کاتي جا آفيسر ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رهيا آهن ڄام خان شورو چيو ته سکر بئراج مان نو لک ساٺ هزار ڪيوسڪ پاڻي گذارڻ جي صلاحيت موجود آهي، بئراج جي ڍانچي کي ڪو به خطرو ناهي ۽ حفاظتي بند مضبوط آهن. هن ٻڌايو ته چيني ماهرن بئراج جا دروازا تبديل ڪري ڇڏيا آهن ۽ ضلعي انتظاميه رليف ڪيمپ قائم ڪرڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، البت ڪچي جا رهواسي لڏپلاڻ لاءِ تيار ناهن، ڇوته هو صدين کان اُتي آباد آهن. ڄام خان شورو چيو ته هن وقت پنجند تي نظر آهي ته اُتان سنڌ ۾ ڪيترو پاڻي داخل ٿيندو ان موقعي تي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته جيڪڏهن هڪ رات ۾ ست، اَٺ لک ڪيوسڪ پاڻي اچي وڃي ته پوءِ ڪو به ڪجهه نٿو ڪري سگهي. هن ٻڌايو ته وزيراعليٰ سنڌ نه رڳو ٻوڏ واري صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس گهرايو آهي پر پنجاب حڪومت کي مدد جي به پيشڪش ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته سکر سميت سنڌ ۾ هن وقت ڪا خطرناڪ صورتحال ناهي، حالتون بهتر ۽ قابو ۾ آهن، پر احتياطي تدبير طور اڳواٽ قدم کنيا پيا وڃن ناصر حسين شاهه چيو ته ڪالا باغ ڊيم جهڙا تڪراري منصوبا بار بار زنده ڪيا وڃن ٿا ۽ سنڌ تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي، جڏهنته حقيقت اها آهي ته ديا ڀاشا ڊيم تعمير هيٺ آهن ۽ انهن جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ئي پاڻي ذخيرو ڪري سگهجي ٿو. ٻئي پاسي ڄام خان شورو چيو آهي ته سنڌ ۾ بندن جي صورتحال بهتر آهي ۽ جتي جتي درياهه بندن کي هيٽ ڪري ٿو، اتي بندن جي مرمت، پچنگ ۽ مضبوطيءَ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. پاڻي جڏهن پنجند وٽ گڏ ٿيندو. تڏهن ئي اصل خبر پوندي ته گڊو بئراج وٽ ڪيترو پاڻي پهچندو. اهڙو اظهار هن ڪوٽڙي ۾ دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ڄام خان چيو ته قادر آباد (پنجاب) مان لڳ ڀڳ 10 لک ڪيوسڪ پاڻي اچي رهيو آهي. اڳتي اچي پاڻي جي مقدار ۾ گهٽتائي ايندي ۽ پوءِ اهو پاڻي پنجند تي پهچندو، جتي پڻ پاڻي جي مقدار ۾ ڪجهه ڪمي ايندي. ان کانپوءِ پاڻي سنڌو درياهه ۾ داخل ٿيندو، جنهن ۾ 3 ڏينهن لڳي سگهن ٿا.