سنڌ ۾ امڪاني ٻوڏ، ڪنٽرول روم قائم، موڪلون رد

ڪراچي (رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ صوبي ۾ امڪاني ٻوڏ جي صورتحال بابت هڪ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آبپاشي کاتي، لوڪل گورنمينٽ، صحت، لائيو اسٽاڪ، پبلڪ هيلٿ، پي ڊي ايم اي، ريسڪو 1122 ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته سڀني ڊويزنل ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آبپاشي کاتي پاران دريائن ۾ پاڻي جي وهڪري ۽ پيدا ٿيندڙ ٻوڏ جي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته پنجاب ۾ جاري برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال جي ڪري سنڌ ۾ به وڏي ٻوڏ جو خطرو آهي، تنهن ڪري صوبي ۾ ترجيحي بنيادن تي سڀ تياريون مڪمل ڪيون وڃن. هن چيو ته صوبائي انتظاميا 24 ڪلاڪ ٻوڏ جي صورتحال جي نگراني ڪري رهي آهي ۽ سڀني ڊپٽي ڪمشنرن کي مڪمل طور تي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. چيف سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به ٻوڏ جي تيارين بابت اجلاس جي صدارت ڪئي آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪومت ماڻهن جي حفاظت لاءِ سنجيده ۽ پرعزم آهي. چيف سيڪريٽري سڀني ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته جامع ڪنٽينجنسي پلان تيار ڪن، جنهن ۾ عوام ۽ چوپائي مال جي حفاظت کي اولين ترجيح ڏني وڃي. ان سان گڏ، هن اها به هدايت ڪئي ته سڀني سرڪاري ۽ خانگي مشينري ۽ دستياب وسيلن جي تفصيل مرتب ڪئي وڃي ته جيئن ضرورت پوڻ تي انهن کي فوري طور تي استعمال ڪري سگهجي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته چيف سيڪريٽري آفيس، ڪمشنر آفيس ۽ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويندا ان کان علاوه، آبپاشي، ميونسپلٽيز، صحت، پوليس، پبلڪ هيلٿ، لائيو اسٽاڪ ۽ فيلڊ آفيسرن جي آفيسن سميت ضروري خدمتون فراهم ڪندڙ سڀني کاتن جون موڪلون منسوخ ڪيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.