ملتان(م ڊ) چناب ۾ ٻوڏ سبب ملتان شهر کي بچائڻ لاءِ هيڊ محمد والا ۽ شير شاهه جي هنڌن تي گهارو هڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ملتان ۾ خطرناڪ درجي جي ٻوڏ جي خدشي سبب انتظاميه حفاظتي قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن، ڊپٽي ڪمشنر وسيم حامد موجب شهري آبادي کي بچائڻ لاءِ هيڊ محمد والا واري هنڌ گهارو وڌو ويندو، ڳوٺن مان 60 سيڪڙو تائين ماڻهن جي لڏپلاڻ ڪرائي وئي آهي، پاڻي ملتان جي تعلقي جلال پور پيرووالا جي 18 ڳوٺن ۾ به پاڻي داخل ٿي ويو آهي، چناب جو وهڪرو 24 ڪلاڪن ۾ جهلم ۽ ايندڙ 2 ڏينهن ۾ ملتان وٽان گذرندو.