اسلام آباد(م ڊ) ٻوڏ جي صورتحال سبب قومي مالياتي ڪميشن جو شروعاتي اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي، اجلاس اڄ 29 آگسٽ تي ٿيڻ وارو هو، جيڪو سنڌ حڪومت جي درخواست تي ملتوي ڪيو ويو، ذريعن موجب اجلاس ۾ اين ايف سي ايوارڊ سان لاڳاپيل سفارشون، ذيلي گروپن جو قيام ۽ مستقبل جي اجلاس جو شيڊول غور هيٺ اچڻو هو، جڏهن ته وفاق ۽ چئني صوبن کي پنهنجي مالي صورتحال بابت بريفنگ ڏيڻي هئي، ياد رهي ته گذريل هفتي صدر آصف علي زرداري آئين جي آرٽيڪل 160 (1) تحت 11هين قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ جي جوڙجڪ ڪئي هئي.