لاهور(بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ درياهن جي رستن تي مستقبل ۾ اڏاوتن خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، وزيرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته درياهن جي گذرگاهن تي اڏاوتن جي اجازت نه ڏني ويندي، ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو اندازو لڳائي ازالو ڪيو ويندو، غير قانوني اڏاوتون ڊاهڻ تي معاوضو نه ٿو ملي سگهي، پهريون ڀيرو برسات جا ٽي چار سسٽم گڏجي آيا آهن، پاڪ فوج ۽ انتظاميه بروقت ردعمل ڏئي ڪيترن ماڻهن جون حياتيون بچايون.