ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اڳواڻن، سول سوسائٽي جي نمائندن ،صحافي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته آئين ۾ ترميم ڪري ان کي مڪمل طور عالمي انساني حقن جي روشني ۾ نئين سر جوڙجڪ ڪري ان ۾ رياست جي صدر کان وٺي ٻين عهدن ۾ اچڻ لاءِ اقليتن جي آڏو رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن، پاڪستان جي سمورين شهرين لاءِ برابر جي حقن، مذهب جي آزاديءَ ۽ سندن جي عبادتگاهن جي تحفظ لاءِ ملڪ جو بنياد قائد اعظم جي 11 آگسٽ جي روشني ۾ ملڪ جي نئين سر تعبير ڪئي وڃي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن کي سزا ڏني وڃي، زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ جي عمل کي روڪڻ لاءِ ننڍي عمر جي شاديءَ تي بندش واري قانون تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، اها ڳالهه ڪالهه شام جو پارليامينٽرين ڪميشن فار هيومن رائيٽس (PCHR ) طرفان ” اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ مضَبوطي لاءِ رياست ۽ صحافت جي ذميوارين ۽ پريس جي آزاديءَ ” جي موضوع تي هڪ مذاڪرو ۽ ميڊيا بريفنگ ۾ ڪئي وئي. ان موقعي تي پي سي ايڇ آر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد شفيق چوڌري ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي آئين ۽ قانون موجب هر شهري کي مذهبي آزادي تحت هر مذهبي اقليت کي انهن جي مذهبي تعليم ڏني وڃي، جڙيانه والا جهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ ان ۾ ملوث جوابدارن کي سزائون ڏنيون وڃن، ننڍڙين ڇوڪرين جي زبردستي مذهب تبديل ڪري ساڻن شاديءَ جي عمل کي روڪڻ لاءِ ان تي سختي سان عمل ڪرڻ گهرجي، پريس جي آزاديءَ ۽ صحافت تي پابندين جي خاتمي لاءِ ملڪ طرفان عالمي انساني حقن ۽ اظهار جي آزاديءَ وارن معاهدن تي ڪيل صحين جي پاسداري ڪئي وڃي ، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ (پي ايف يو جي ) جي مرڪزي صدر افضل بٽ چيو ته هن وقت پريس جي آزاديءَ جي حوالي سان پاڪستان ۾ بدترين صورتحال آهي، اخبارن ۽ ٽي وي نيوز چينلن کي ڪاما ۽ فل اسٽاپ ڏيڻ ۽ پنهنجي مرضيءَ سان خبرون هلائڻ لاءِ رياست طرفان هر روز هدايتون جاري ڪيون پيون وڃن، صحافت مٿان اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل سخت پابنديون آهن، پر ان سان اظهار جي آزاديءَ جو رستو بند نه ٿيندو ، نامور صحافي مظهر عباس چيو ته ملڪ جي آئين جو آرٽيڪل 19 اظهار جي آزاديءَ جي ضمانت نه ٿو ڏئي، سڌ سماءُ ۽ ليبر کاتا صحافين جي مسئلن تي ڌيان نه ٿا ڏين، سڌ سماءُ واري کاتي تحت ئي صحافت ۾ غلط ۽ هڪ طرفي خبرون هلي رهيون آهن، سرڪاري اشتهارن وسيلي ميڊيا کي بليڪ ميل ڪيو وڃي ٿو، ان لاءِ سڌ سماءُ جو کاتو بند ڪري اشتهارن جي منصفاڻي ورهاست لاءِ سرڪار هدايتن کان آزاد ۽ خودمختيار ادارو جوڙيو وڃي، سرڪاري ۽ رياستي پروپيگنڊا لاءِ هڪ انگريزي نيوز چينل کولي ان ۾ 80 سيڪڙو کان مٿي غير ملڪي اسٽاف رکيو ويو آهي، ميڊيا تي ڪنٽرول ڪري ان کي گندو ڪري ان جي ساک ڪيرائي وئي آهي ۽ عام ماڻهو ميڊيا جي وڏن توڙي ننڍن ادران جي خبرن تي يقين ڪرڻ بدران انفرادي ۽ ننڍڙن انفرادي ادران جي وڊيو ۽ خبرن تي يقين ڪن ٿا، پارليامينٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ بدران فوجي ڪورٽن کولڻ جا فيصلا ڪري رهي آهي، انساني حقن جي تحفظ ڪندڙ سول سوسائٽي جي اڳواڻ سيما مهيشوري چيو ته سنڌ ۾ ننڍڙين نينگرين کي ورغلائي ۽ اغوا ڪري انهن جو زبردستي سان اهي شخص مذهب تبديل ڪرائن ٿا، جن کي پاڻ ئي ڪلمو پڙهڻ نٿو اچي، جنهن خلاف سرڪاري سطح تي ڪابه روڪ ٿام ۽ مزاحمت نه آهي، ان موقعي تي معروف صحافي سهيل سانگي، پي ايف يو جي ، جي اڳواڻ خورشيد عباسي، جاويد چوڌري مسيح زاهد فاروق، وڪيل ملڪ طاهر ،مهيش ڪمار، تارا چند وڪيل، شام سندر، هما عباسي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته نصاب مان مذهبي تعصب وارا سبق ختم ڪيا وڃن، صحافين جو معاشي قتل ڪرڻ بند ڪري پريس مٿان عائد پابنديون ختم ڪيون وڃن، غير مسلم شهرين کي ملڪ جو صدر ،وزيراعظم ،چيف جسٽس ۽ ٻين رياستي ادارن جو سربراهه مقرر ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي وڃي، پيڪا ائڪٽ جو خاتمو ڪري صحافي تنظيمن جي صلاح سان پريس متعلق ائڪٽ ٺاهيا وڃن.