علي امين گنڊاپور پاران ڊيم ٺاهڻ جو اعلان

پشاور(م ڊ)وزيراعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اسان کي ڊيم تعمير ڪرڻ گهرجن ته جيئن پاڻيءَ جي صورت ۾ ايندڙ عذاب رحمت ۾ بدلجي سگهن، جتي به ضرورت پئي، ڊيم ٺاهيا ويندا۔ هن خيبر ميڊيڪل ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جو به اعلان ڪيو۔پشاور ۾ خيبر ميڊيڪل ڪاليج جي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعليٰ چيو ته ٻوڏ اچڻ وقت انتظاميه تيار هئي، پر ڊگهي مدي واري حل لاءِ ڊيم تعمير ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن آفت کي نعمت بڻائي سگهجي۔علي امين گنڊاپور وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا سان زيادتي ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.