ٻوڏ ۾ لڙهندڙ پنجاب ۽ بيوس بڻيل حڪمران

تحرير: اعجاز ممنائي

خبرون اچي رهيون آهن پنجاب جي ٽن دريائن ۾ خطرناڪ سيلابي صورتحال پيدا ٿي ويئي آهي خاص ڪري چناب درياءَ ۾ وڏو چاڙهه آهي ان ڪري سنڌو درياءَ جي ڪچي واري علائقن جا ماڻھو سوشل ميڊيا تي سيلابي صورتحال ڏسي پريشان آھن ۽ ڪجهه ماڻهو وري مڙني دريائن جي پاڻي جي وھڪرن جي جوڙ ڪري سنڌو درياءَ ۾ ايندڙ پاڻي جو اندازو لڳائيندا آهن پنجاب جي چئني دريائن ۾ پاڻي جيترو به ھجي پنجند بئراج جي گنجائش پنج لک ڪيوسڪ آھي ۽ ان کان وڌيڪ ڪراس ناھي ٿيندو ان ڪري پنجاب جي شھرن/بئراجن کي محفوظ رکڻ لاءِ پنجاب جي دريائن کي مختلف ھندن تان ڪٽ ڏيئي وھڪرن کي ورھايو ويندو آهي سو سنڌوءَ نديءَ ۾ تربيلا ڊيم جي پوائنٽ کي به في الحال ڏيڍ لک ڪيوسڪ تائين محدود ڪيو ويو آهي جيڪڏهن خراب مينيجمينٽ نه ٿي ۽ ان طريقي سان مڙني دريائن جي وھڪرن کي اگر مينيج ڪيو ويو ته گڊو بئراج وٽ وھڪرا لڳ ڀڳ کان 6 لک ڪيوسڪ ٿي سگھن ٿا سنڌ جا ڪچي واسي في الحال پريشان نه ٿين۔ ستلج، راوي درياءَ ۽ خاص طور تي چناب درياءَ ۾ جي آسپاس رھندڙ آبادي واري علائقن جا ماڻھو تڪليف ۾ آھن جنهن جو ڀارت اڳواٽ اطلاع ڏنو هو۔ ڀارت 24 ڪلاڪن ۾ پاڪستان سان ٻيهر رابطو ڪري ستلج درياهه ۾ امڪاني ٻوڏ بابت اڳواٽ اطلاع ڏئي ڇڏيو آهي۔

سفارتي ذريعن موجب، ڀارتي هاءِ ڪمشن اسلام آباد، پرڏيهي وزارت سان رابطو ڪري ستلج درياهه ۾ ٻوڏ بابت معلومات فراهم ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت ماضيء ۾ به ٻوڏ وارو پاڻي بابت پاڪستان کي آگاهه ڪندو رهيو آهي.پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان جو چوڻ آهي ته ڀارت 24 آگسٽ تي سنڌ طاس ڪميشن بدران سفارتي چينلن ذريعي ٻوڏ جون وارننگز ڏنيون، جڏهن ته پاڪستان واضح ڪيو ته ڀارت معاهدي جي سمورن شرطَن تي مڪمل عمل ڪرڻ جو پابند آهي.ترجمان موجب ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي معطل قرار ڏيڻ بين الاقوامي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي آهي ۽ اهڙا هڪ طرفا قدم علائقي جي امن ۽ استحڪام تي ناڪاري اثر وجهي سگهن ٿا. واضح رهي ته گذريل رات به ڀارت پاڪستان کي توئي درياهه ۾ ڄمون واري علائقي ۾ امڪاني وڏي ٻوڏ اچڻ بابت آگاهه ڪيو هو.ذريعن موجب، اهو رابطو مئي ۾ ٿيندڙ پاڪ-ڀارت جنگ کان پوءِ پهريون وڏو رابطو هو.

بهرحال هن وقت پاڪستان موسمياتي تبديلين کان سخت متاثر آهي ۽ تباهي جي ڪناري تي آهي، جنهن جا امڪاني خطرناڪ اثر ملڪ ۾ ٻوڏ ۽ خشڪ سالي جا خدشا وڌائي رهيا آهن. ان حوالي سان جنيد اڪبر جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ فنڊنگ جي معاملن تي سنگين انڪشاف سامهون آيا آهن.اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين ملڪ جي موجوده صورتحال ۽ مستقبل جي خطرن بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين کان سخت متاثر آهي ۽ ايندڙ سال ان جي شدت ۾ 22 سيڪڙو اضافو ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن گرمي پد ۾ اضافو جاري رهيو ته ملڪ جا 7,500 گليشيئر تيزي سان پگھلڻ شروع ٿي ويندا، جنهن جي ڪري خشڪ سالي، خوراڪ جي تحفظ ۽ پاڻي جي کوٽ جا مسئلا پيدا ٿيندا. هن خبردار ڪيو ته چترال اتر ۽ ڏکڻ ۽ اسڪردو جهڙا علائقا مستقبل ۾ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا، مون سون جو موجوده دٻاءُ 10 سيپٽمبر تائين جاري رهندو، پاڻي جي ذخيرن جي مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ ستلج علائقي مان 150,000 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. 2100 ٽن امدادي سامان پڻ مختلف متاثر علائقن ڏانهن موڪليو ويو آهي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ تباهه ٿيل هنڌن کي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو.پي اي سي جي اجلاس ۾ جنيد اڪبر سخت سوال اٿاريا ۽ چيو ته عالمي ماحولياتي گدلاڻ ۾ پاڪستان جو حصو نه هجڻ برابر آهي، پر اسان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهيون. ترقي يافته ملڪن جي ڪري اسان موسمياتي تبديلي جا نتيجا ڀوڳي رهيا آهيون، پر ان جي بدلي ۾ اسان کي امداد نه پر صرف قرض ملي رهيا آهن. اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ٻوڏ کان پوءِ، دنيا پاڪستان کي 10.98 ارب ڊالر ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، جنهن ۾ گهڻ طرفي ادارن مان 8.9 ارب ڊالر ۽ ٻطرفي وابستگين مان 1.4 ارب ڊالر شامل آهن. جڏهن ته، عملي طور تي، گهڻو ڪري پئسا قرضن جي صورت ۾ ڏنا ويا، جڏهن ته صرف 2.1 ملين ڊالر گرانٽ طور مليا. سعودي عرب 1 ارب ڊالر جو تيل قرض ڏنو، ۽ ڪل 930 ملين ڊالر عارضي فنڊنگ ۾ مليا جيڪي ناڪافي آهن.جڏهن ته نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران راوي درياءَ جي مٿانهين علائقن ۾ تيز برساتن جي خبرداري جاري ڪئي وئي آهي.

هي خبرداري اهڙي وقت ۾ آئي آهي جڏهن هندستان جو ٿاني ڊيم 97 سيڪڙو ڀريل آهي ۽ ان جا سپل وي ڪنهن به وقت کلي سگهن ٿا.اين ڊي ايم اي موجب، راوي درياهه ۾ مٿانهين علائقن ۾ ممڪن برساتن ۽ ڀارتي ڊيم مان پاڻي ڇڏڻ جي امڪان جي ڪري، راوي درياهه ۾ وڏي سطح جي ٻوڏ جو امڪان آهي. ٿاني ڊيم مان پاڻي ڇڏڻ ۽ ڀارتي نالن مان ايندڙ ٻوڏ جي ريلن جي ڪري راوي درياهه ۾ وهڪري جي سطح وڌيڪ ٿي سگهي ٿي. ساڳئي طرح، پير پنجال رينج جي نالن، جن ۾ بين بسنتر ۽ ڊڪ شامل آهن،جن ۾ به وهڪري جي سطح وڌيڪ ۽ ٻوڏ جي صورتحال جو امڪان آهي.جسر وٽ راوي ندي جو وهڪرو 115,000 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ 150,000 ڪيوسڪ تائين وڌڻ جو امڪان آهي. شاهدره وٽ راوي ندي جو وهڪرو 50,150 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو ٿاني ڊيم جا اسپل وي کولڻ جي صورت ۾ 90,000 ڪيوسڪ تائين وڌڻ جو امڪان آهي.راوي درياءَ سان لاڳاپيل علائقن ۾ ممڪن ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي، اين ڊي ايم اي شهرين کي دريائن، نالن ۽ هيٺاهين وارن علائقن کان پري رهڻ ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. عوام کي صلاح ڏني وئي آهي ته تازي صورتحال کان باخبر رهڻ لاءِ ٽي وي، ريڊيو موبائل فون ۽ پاڪ اين ڊي ايم اي ڊيزاسٽر الرٽ ايپ ذريعي جاري ڪيل الرٽس ۽ هدايتن تي عمل ڪن. اين ڊي ايم اي لاڳاپيل ادارن ۽ ايمرجنسي سروسز کي به هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.اهڙي طرح چناب درياءَ مظفر ڳڙهه، ملتان ۽ ان کان ٻاهر سخت تباهي آڻيندو ڇاڪاڻ ته جڏهن پاڻي هيڊ ڪينالن مان گذرندو ته راوي درياءَ جو پاڻي رنگپور وٽ چناب درياءَ ۾ شامل ٿي ويندو. جنهن جو اندازو 10 لک ڪيوسڪ پاڻي آهي. تنهن ڪري ماڻهن کي سنجيدگي سان ڪم وٺڻ گهرجي. هن وقت مظفر ڳڙهه، خانڳڙهه، روبيلانوالي، شهر سلطان، شجاع آباد، جلال پور، علي پور اُچ شريف، ملتان، چاچڙان شريف، ڪوٽ مٺڻ، راجن پور سخت ٻوڏ جي زد ۾ اچڻ وارا آهن. اُچ شريف، بهاولپور، احمد پور سخت خطري کي منهن ڏئي رهيا آهن پر افسوس هر طرف کان حڪمران بيوس بڻيل آهن ڇوته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ سندن وس جي ڳالهه ناهي.

ماضيءَ ۾ پنجاب 1859ع کان سنڌو درياهه تي ڪينال ۽ ڊيم ٺاهي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻندو رهيو آهي ۽ سنڌ جا پڇڙيء واري علائقي طور (Lower Riparian) حق تسليم ناهن ڪيا ويا.1857ع ۾ پنجاب جي حڪمران جي وفاداري عيوض انگريز پنجاب ۾ دنيا جو بهترين آبپاشي نظام تشڪيل ڏنو ۽ ائين پنجاب جون زمينون آباد ٿيڻ لڳيون. پنجاب جي حڪمران پنهنجي مفاد خاطر 1859ع کان ئي سنڌ جي مرضي کانسواءِ سنڌو دريائي نظام تي تعميرات ڪرڻ شروع ڪئي. 1859ع ۾ بين دو آب ڪينال، 1885 کان1901ع تائين سڌنائي، لوئر چناب، لوئر جهلم ڪينال وغيره سنڌ جي مرضي کانسواءِ ٺاهيا ويا. سنڌ جي دانهن کانپوءِ پنجاب سنڌ وچ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورهاست لاءِ انگريز سرڪار مختلف ڪميشنون ٺاهيون جنهن ۾ انڊيا اريگيشن ڪميشن1901ع، ڪاٽن ڪميٽي 1919ع، رائو ڪميشن1941ع وغيره شامل آهن. انهن سڀني ڪميشنن پنجاب کي سنڌو دريائي نظام تي سنڌ جي اجازت کانسواءِ وڌيڪ تعميرات کان سخت منع ڪيو. سڀ کان اهم 1941ع جي رائو ڪميشن هئي جنهن جي سربراهي ڪلڪتا هائي ڪورٽ جو جج جسٽس بي.ايم. رائو ڪري رهيو هو جيڪو بعد ۾ انصاف جي عالمي عدالت جو جج پڻ ٿيو. ان ڪميشن تجويز ڏني ته سنڌ ۾ سکر بيراج کانپوءِ ٻه نوان بيراج 16 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ٺاهيا وڃن جنهن ۾ پنجاب تي 2 ڪروڙ سنڌ کي پهچايل نقصان جي معاوضي طور رکيا وڃن!. ان ڪميشن جي تجويز جي بنياد تي 1945ع ۾ سنڌ پنجاب جي وچ ۾ پاڻي جو معاهدو ٿيو جنهن جو آرٽيڪل 8 اهو هو ته "مستقبل ۾ پنجاب سنڌو دريائي نظام تي سنڌ جي مرضي کانسواءِ ڪوبه ڊيم نه ٺاهيندو”. ورهاڳي کانپوءِ هندستان (اوڀر پنجاب) ۽ پاڪستان جي پنجابي حڪمرانن پاڻ ۾ جيڪي معاهدا ڪيا ان ۾ سنڌ جي ڪابه نمائيندگي نه رهي.

 ورهاڱي کان يڪدم پوءِ جڏهن ٽن درياهن ستلج، راوي ۽ بياس جو پاڻي بند ڪيو ته پنجاب جي حڪمرانن هندستان اڳيان گوڏا کوڙي انهن درياهن تي هندستان جو حق تسليم ڪيو. ايوب خان جي ٺهيل انڊس بيسن ايڊوازري بورڊ، جنهن جو ڪم عالمي ادارن ۽ هندستان سان ڳالهائڻ هو، ان ۾ پنجاب کانسواءِ ڪنهن به صوبي جي نمائيندگي نه هئي. ان بورڊ 1960ع ۾ انڊس بيسن ٽريٽي ڪئي جنهن تحت ٽي درياهه هندستان کي ڏنا ويا ۽ ٻئي پاسي عالمي ادارا ۽ هندستان پاڪستان کي ٿيل نقصان جو معاوضو ڏيندا. پنجاب جي حڪمرانن پوري پاڪستان ۾ پاڻي جي بحران جي بهاني ۽ ڀارت جي حڪمرانن سان ملي ڪري معاوضو وٺي 1961ع ۾ جهلم درياهه تي منگلا ڊيم ٺاهڻ شروع ڪيو ۽ ان کان به اڳتي وڌي 1968ع ۾ سنڌو درياهه تي تربيلا ڊيم ٺاهيو. 1967ع ۾ سنڌو درياهه پا پاڻي کڻڻ لاءِ چشما جهلم لنڪ ڪينال پڻ ٺاهڻ شروع ڪيو. پر ڀٽي جي دور ۾ سنڌ جي اعتراض تي اهو 76ع ۾ اهو معاهدو ڪيو ويو ته چشما جهلم لنڪ ڪينال سنڌ سرڪار جي مرضي کانسواءِ نه کوليو ويندو ۽ صرف ٻوڏ واري صورتحال ۾ ان کي کوليو ويندو پر پنجاب اڄ ڏينهن تائين ان ڪينال کي ٻارهين مهينا کولي ويٺو آهي جنهنڪري حڪمرانن جي غلط روش جي ڪري هن وقت پنجاب مڪمل طور پاڻيءَ هيٺ اچي چڪو آهي ۽ ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.