چيني ساحل کان ڪجهه ڪلوميٽر پري واقع تائيوان جي ٻيٽ "ڪنمن” ۾ جمعي جي صبح هئي، پر اوچتو ئي فضائي حملي جا سائرن وڳي پيا ۽ سڪون ڀريو ماحول تڙڦڙ ۾ تبديل ٿي ويو۔ هڪ مقامي سرڪاري آفيس ۾ ماڻهن لائيٽون بند ڪري ميزن هيٺ لڪو ورتو، ڪي ته هيٺ زميني ڪار پارڪنگ ۾ وڃي پناهه وٺڻ لڳا۔ ويجهو اسپتال ۾ طبي عملي رت سان رتل "زخمين” جو علاج ڪرڻ لاءِ ڊوڙ پئي ڪئي، پر اهو رت جعلي هو ۽ اهي زخمي به اصل ۾ اداڪار هئا، جيڪي رضاڪاراڻي طور آيا هئا ته جيئن سرڪاري ملازمن سان گڏجي سول ڊيفنس ۽ فوجي مشقن ۾ حصو وٺي سگهن، جيڪي گذريل مهيني سڄي تائيوان ۾ ڪرايون ويون هيون۔ انهن جو مقصد چين جي امڪاني حملي جي تياري ڪرڻ هو۔ چين ديرين کان پاڻمرادو هلندڙ تائيوان کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ جو عزم رکيو آهي ۽ طاقت جي استعمال کي ڪڏهن به رد نه ڪيو آهي، جنهن ڪري تائيوان ۾ تشويش وڌندي پئي وڃي۔ صدر وليئم لائي، جن گذريل سال عهدو سنڀاليو، پنهنجو دفاع مضبوط ڪرڻ جا خواهشمند آهن۔ تائپيءَ ۾ فنانس جي شعبي سان لاڳاپيل هڪ شهري "بين” چون ٿا ته: "اسان کي دفاعي مشقن جي ضرورت ناهي، جيتوڻيڪ چين کان ڪجهه خطرو آهي، پر منهنجي خيال ۾ سندن مداخلت جا امڪان گهٽ آهن۔ جيڪڏهن هو اسان تي حملو ڪرڻ چاهين ها ته ڪڏهن جو ڪري چڪا هجن ها۔”
ٻين وانگر گهڻا تائيواني به سمجهن ٿا ته ايندڙ پنجن سالن ۾ چين جو حملو ممڪن ناهي۔ اهو خيال فوجي لاڳاپيل ٿنڪ ٽينڪ "آئي اين ڊي ايس آر” جي مئي ۾ جاري ڪيل سروي ۾ به آيو هو۔ پر آمريڪا خبردار ڪيو آهي ته بيجنگ 2027 تائين پنهنجي فوج کي اهڙي مداخلت لاءِ تيار ڪري رهيو آهي۔ صدر لائي ۽ سندن حڪومت اڪثر چون ٿا: "جنگ جي تياريءَ ذريعي جنگ کي روڪي رهيا آهيون۔” سندن چوڻ آهي ته تائيوان وڙهڻ نٿو چاهي پر پنهنجو دفاعي حق ضرور استعمال ڪندو۔ انهن فوجي سڌارن سان گڏ ايندڙ سال تائين دفاعي خرچن ۾ 23 سيڪڙو واڌ ڪئي ويندي، جيڪا لڳ ڀڳ 31 ارب ڊالر ٿيندي ۽ ملڪ جي جي ڊي پي جو ٽن سيڪڙو حصو هوندو۔ آمريڪا جو به دٻاءُ آهي ته تائيوان پنهنجو دفاعي بجيٽ وڌائي۔ صدر لائي واعدو ڪيو آهي ته 2030 تائين اهو پنج سيڪڙو تائين وڌايو ويندو۔ فوج ۾ لازمي ڀرتي جي پروگرام تحت سپاهين جون پگهارون ۽ مراعتون وڌايون ويون آهن ۽ فوجي تربيت کي وڌيڪ سخت بڻايو ويو آهي، جيئن "اسٽرا بيري سپاهي” واري بدنامي ختم ٿي سگهي۔
سالياني "هان ڪوئانگ وار گيمز” ۾ به امڪاني چيني حملي جو جواب ڏيڻ جي مشق ڪئي ويندي آهي، جن ۾ هاڻي وڌيڪ حقيقي حالتن جي تياري ڪئي پئي وڃي۔ هن سال سڀ کان وڏي ۽ ڊگهي مشقن ۾ 22 هزار ريزرو فوجين حصو ورتو، جيڪو گذريل سال کان 50 سيڪڙو وڌيڪ هو۔ ان ڀيري خاص ڌيان شهري علائقن ۾ وڙهڻ ۽ "گري زون وار فيئر” سميت غلط ڄاڻ جي مهمن کي منهن ڏيڻ تي ڏنو ويو۔ فوجين ٽرانسپورٽ، موٽر ويز ۽ شهري علائقن کي محفوظ رکڻ جون مشقون ڪيون، تائپي ۾ درياءَ ڪناري پارڪ ۾ هيلڪاپٽرن ۾ ميزائل لوڊ ڪرڻ جي پريڪٽس ڪئي ۽ اسڪولن کي ٽينڪ جي ورڪشاپن ۾ تبديل ڪيو ويو۔
گذريل مهيني سڀ کان وڏي مشق "اربن ريزيلينس ايڪسريز” به ٿي، جنهن ۾ وڏن شهرن ۾ فضائي حملي جي مشق ڪئي وئي۔ شهرين کي گهرن ۾ رهڻ لاءِ چيو ويو، هوٽلن، دڪانن ۽ ريسٽورنٽن کي بند رکڻو پيو، ريل ۽ جهازن جي سفر تي پابندي لڳي، ۽ حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ کي جرمانو ٿي سگهي ٿو۔ ايمرجنسي ٽيمون ۽ رضاڪار زخمين کي منتقل ڪرڻ، باهه وسائڻ ۽ ميزائل حملي کان پوءِ متاثر عمارتن مان لاهڻ جون مشقون ڪندا رهيا۔ ڪي ماڻهو ان جي حمايت ڪن ٿا، جيئن هڪ آفيس ورڪر اسٽينلي وي چون ٿا: "اهو ضروري آهي، ڇوتہ خطرو وڌي ويو آهي۔ ڏسو چين ڪيئن اسان کي گهيري رهيو آهي۔” آءِ ٽي ورڪر رَي يانگ چون ٿا: "مون کي چين سان پرامن گڏ رهڻ تي يقين آهي، پر دفاع کي مضبوط ڪرڻ به ضروري آهي۔ يوڪريني جنگ کان اڳ مون سوچيو ئي نه هو ته چين حملو ڪري سگهي ٿو، پر هاڻي اهو امڪان نظر اچي ٿو۔” پر ڪي ماڻهو ان کي فضول سمجهن ٿا، جيئن انجنيئر مسٽر ليو چون ٿا: "جيڪڏهن حملو ٿيو به ته اسان ڇا ڪري سگهنداسين؟” ڪنمن ٻيٽ، جيڪو 1940ع ۽ 1950ع جي ڏهاڪن ۾ چيني ۽ تائيواني فوجن جي جهيڙن جو مرڪز رهيو، هاڻي به امڪاني حملي جي صورت ۾ فرنٽ لائن سمجهيو وڃي ٿو۔ پر معاشي لاڳاپن جي ڪري ڪيترائي ماڻهو چين جي ويجهڙائي کي فائدي وارو سمجهن ٿا، ڇوتہ چيني سياح سندن معيشت کي سهارو ڏين ٿا۔ 77 ورهين جي يانگ پي لنگ، جن پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ چيني بمباري ڏٺي هئي، هاڻي شيامين کان ايندڙ سياحن کي پنهنجي دڪان تي ڀليڪار ڪن ٿيون۔ هو چون ٿيون: "هاڻي چين اسان تي حملو نه ڪندو، ڇو ته اسان سڀ هڪ خاندان آهيون۔”
تائيوان جي بحث ۾ اهو به چيو وڃي ٿو ته چين هاڻي ماڻهن جي دلين ۽ دماغن کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ثقافتي، اقتصادي ۽ سياسي اثر ذريعي ته جيئن مستقبل ۾ "پر امن اتحاد” ممڪن ٿي سگهي۔ پر صدر لائي خبردار ڪيو آهي ته چين اڳ ۾ ئي تائيوان ۾ ميڊيا، معيشت ۽ سياست ۾ اثر رسوخ وڌائي رهيو آهي ۽ ڪيترن فوجي آفيسرن کي جاسوسيءَ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي۔تائيوان ۾ رايا ورهايل آهن ڪجهه چين سان ٽڪراءُ کان بچڻ لاءِ موجوده حالتن کي برقرار رکڻ جا حامي آهن، ته ڪي وڌيڪ سخت موقف اختيار ڪرڻ جا حامي۔ پر هڪ ڳالهه صاف آهي: تائيوان ۾ خوف، اميد ۽ غير يقينيءَ جي فضا قائم آهي، جتي هر ڌمڪي، هر مشق ۽ هر بيان مستقبل جي وڏي ڇڪتاڻ جو حصو بڻجي رهي آهي۔