عورت هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن تي جيترو به لکجي سو گهٽ آهي، عام طور تي اسان جي سماج اندر عورت کي ڪمزور ۽ مظلوم ڪري پيش ڪيو ويندو آهي جيڪا برابر سماجي حقيقت به آهي پر اها به حقيقت آهي ته عورت کي ڪمزور ۽ مظلوم بڻائي رکڻ ۾ اسان جو پدري پوري نظام جو ئي هٿ رهيو آهي جيڪو عورت جي طاقتور روپ کي پنهنجي مفاد ۾ بيدردي سدان نظر انداز ڪندو ايندو آهي.
ان روشني ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عورت کي مضبوط روپ ۾ پيش ڪجي ته جيئن سندس ڏيکاريل ڪمزور ۽ مظلوميت واري پاسي کي غير اهم بڻائي سندس طاقت ور پاسي کي اڀاري سگهجي، جنهن جو مجموعي طور تي عورت جي وجود کي ئي فائدو رسندو. جيئن شاهه ڀٽائيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ مردن بدران عورت جهڙوڪ سسئي، مارئي ۽ سهڻي کي طاقتور ۽ سورمي طور پيش ڪيو آهي ۽ انهن کي حب الوطني، جدوجهد ۽ ثابت قدمي جي علامت بڻايو آهي.
جڏهن ته روايتي طور تي اسان جي سماج ۾ عورت کي صنف نازڪ، ڊڄڻي ۽ گهٽ درجي واري سمجهيو ويندو آهي جڏهن ته حقيقت وري ان جي ابتڙ آهي، جيڪا همت ۽ برداشت ۽ ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت عورت ۾ آهي سا مردن ۾ به ناهي هوندي. تنهن ڪري اها هر مشڪلات کي منهن ڏئي سگهندي آهي.
عورت هر رشتي کي مرد کان وڌيڪ بهتر نموني نڀائڻ جي پڻ صلاحيت رکندي آهي ان جو سبب به سندس برداشت ئي هوندي آهي. رشتن کي برداشت ڪبو تڏهن ئي اهي قائم رهي سگهندا آهن پر عورت جو وجود جيئن ته سگهڙائپ وارو هوندو آهي تنهن ڪري اها رشتن کي به سگهڙ عورت وانگر سليقي سان هلائيندي آهي.
عورت هونئن ته هر رشتي کي نڀائڻ ۾ ڪمال آهي پر سندس ماءُ وارو رتبو ته عالم آشڪار آهي. عورت جو ماءُ وارو روپ ته ان وڻ مثل آهي جيڪو پاڻ اس ۾ بيٺو هوندو آهي پر ٻين کي ڇانو ڏيندو آهي. ٻي سندس غير مشروط محبت هوندي آهي جنهن جو ڪا متبادل آهي ئي نه. عورت جي ان خاصيت تي به گهٽ ئي لکيو ويو آهي. ته هوءَ هر مشڪلات کي عقل ۽ ثابت قدمي سان دور ڪندي آهي ۽ قرباني ڏيڻ جي ضرورت پئي ته ان کان به ناهي ڪيٻائيندي. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ اهڙي عورت به ڏٺي جنهن مڙس جي مري وڃڻ کانپوءِ اولاد پنهنجي سڄي زندگي وقف ڪري ڇڏي. هن پنهنجي ذاتي زندگي ۽ جواني تي سوچڻ بدران اولاد کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جو مشن هٿ ۾ کنيو ۽ غريب هوندي حالتن کان هار نه مڃيائين پر مسلسل جدوجهد ڪري ٻارن جون ذميواريون سنڀاليون ۽ انهن کي جوان ڪري خاص ڪري پنهنجين نياڻين کي پرڻائي به ڏيکاريو مان سندس ان جدوجهد کي هڪ ڪامياب عورت جي جدوجهد سمجهان ٿي، جنهن پنهنجي مڙس جي سهاري بنا اڪيلي سر پنهنجي ٻارن جي زندگي جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي پار تائين پهچايو.
منهنجي هن مضمون جو اصل مقصد اهو آهي ته عورت هر روپ ۾ معتبر آهي. چوندا آهن ته عورت کانسواءِ ڪو گهر نه هوندو آهي. عورت آهي ته گهر آهي نه ته گهر ناهي. مطلب ته گهرن جو روح عورت هوندي آهي ان کان سواءِ گهر بي جان ڍانچن مثل هوندا آهن.
عورت جي وري جيڪڏهن طاقت کي ڏسجي ته اها پٿرن کي به ڳاري سگهي ٿي ته مرد ان جي آڏو ڇا آهي. هڪ خوبصورت عورت وڏن وڏن بادشاهن ۽ پٿر دل مردن کي به پنهنجو ديوانو ۽ مجنون بڻائي ڏيکاريو آهي. تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي قصا پڙهڻ لاءِ ملندا رهندا آهن. نوري ڇا هئي هڪ ملاح هئي پر هن ڄام تماچيءَ جهڙي بادشاهه کي به مڇي مارڻ تي يعني سندس طبقي جهڙو ٿيڻ تي مجبور ڪيو. سو عورت چاهي ته مردن کي ديوانو به بڻائي سگهي ٿي. اسان جي سماج ۾ مرد انهيءَ لاءِ بالادست آهي جو هو طاقت جي زور تي سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو پر جيڪڏهن عورت پنهنجي طاقت تي اچي ته مردن جو وجود ئي ختم ڪري سگهي ٿي. چوندا آهن ته خدا عورت کي 70 سيڪڙو عشق ۽ 30 سيڪڙو عقل، جڏهن ته مردن کي 30 سيڪڙو عشق ۽ 70 سيڪڙو عقل ڏنو آهي پر پوءِ به مرد عرت جي عشق ۾ عقل وڃائي ويهندو آهي.
عام طور تي خاص ڪري پڙهيل لکيل طبقي ۾ اها ڳالهه مڃيل آهي ته ڪوبه معاشرو تيستائين ترقي نه ٿو ڪري سگهي جيستائين انساني آبادي جو ٻيو حصو مردن سان گڏ ڪم نٿو ڪري، سو هاڻي سنڌ ۾ به عورتون سياسي، سماجي، معاشي ۽ زندگي جي سڀني شعبن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. حڪومتن ۽ ادارن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، نوڪريون ڪري رهيون آهن سو اڄ جي عورت رڳو گهر، مڙس ۽ ٻار سنڀالڻ تائين محدود ناهي. مطلب ته عورتون هر لحاظ کان مڪمل ۽ طاقت ور آهن، سندن ڪم ۽ صلاحيتن تي ڪنهن به قسم جو هاڻي شڪ شبهو ناهي رهيو. ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ ڪجهه سال اڳ هڪ انٽرويو ۾ اهو بلڪل درست چيو هو ته اڄ عورتون هر ميدان ۾ پاڻ ملهائي ترقي ڪري رهيون آهن. جڏهن ته عورتن جي ڀيٽ ۾ اڄ جو مرد بيهي ويو آهي. تعليمي ادارن ۾ به ڏسجي ته ڇوڪريون، ڇوڪرن کان وڌيڪ پوزيشنون ماڻي رهيون آهن. ڏسجي ته پ پ جي حڪومت ۾ وري به عورتن کي گهڻو همٿايو ويندو آهي. ان ڪري به جو ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ پ پ جي سربراهي ٻن عورتن بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظِر ڀٽو کي مليل هئي. ان پارٽيءَ نه رڳو عورتن کي ٽڪيٽون ڏئي، چونڊن ۾ بيهاري قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ آندو، اسيمبلين جو اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر مقرر ڪيو پر ڪيتريون ئي وزير ۽ ايم اين اي، ايم پي ايز ٿيون. ائين ڪيترين عورتن کي پ پ جي حڪومت ۾ روزگار مليو ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي عورتن جي مالي سهائتا جو پڻ پروگرام ڏنو.
اسان جو خيال آهي ته عورتن جو ڪيس حڪومتي سطح تي ۽ قانوني طور تي بهتر نموني وڙهي سگهجي ٿو ۽ حڪومتن ذريعي ئي عورتن کي بنيادي حق ملي سگهندا. اهو سجاڳي جو دور اچي ويو آهي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هاڻي عورتن کي سندن حق ڏيارڻ تي ڌيان ڏجي ۽ اهڙين پاليسين کي همٿائجي ڇاڪاڻ ته اسان جي سماج ۾ اڄ به عورتون مرداڻي سماج ۾ غلامي وري زندگي گهاري رهيون آهن.، سندن حق صلب ٿي رهيا آهن ڪاري ڪري ماريون وڃن ٿيون، سندن تذليل ٿيندي رهي ٿي ۽ اڪثريتي طور اڄ به مرداڻو سماج عورت کي پاڻ کان گهٽ سمجهي ٿو ۽ برابري جي سطح تي نٿو آڻڻ چاهي. ان عورت دشمن مائينڊ سيٽ خلاف حڪومتون ۽ عدالتون ئي مقابلو ڪري سگهن ٿيون. تنهن ڪري انهن کي اڳتي اچڻ گهرجي ۽ گڏوگڏ اسان سڀني جو به فرض آهي ته عورت کي مرد جو محتاج بڻائڻ بدران کين اها سجاڳي ڏيون ته اها فطري طور هڪ طاقت ور انسان آهي ۽ سندس طاقت ۽ همت جي واقعن ۽ قصن سان تاريخ ڀري پئي آهي. سو اها پنهنجي حقن واري جدوجهد جاري رکي، ان احساس وچان ته هُوءَ پنهنجي منزل جي ويجهو پهچي چُڪي آهي.