ايران سان امن معاهدي تي آمريڪا-اسرائيل لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ، نيتن ياهو ۽ ٽرمپ آمهون سامهون ؟

يروشلم (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ طئي ٿيل امن معاهدي تي اسرائيل ۽ آمريڪا هڪ پيج تي نظر نٿا اچن، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن وچ ۾ پاليسي اختلاف شدت اختيار ڪري ويا آهن.
مشهور اسرائيلي اخبار ”يديوت احرونوت“ جي سرخي موجب، هن وقت اصل ڇڪتاڻ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ نه پر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نتنياهو وچ ۾ نظر اچي رهي آهي.
رپورٽن موجب، اسرائيل کي معاهدي بابت آگاهي ته ڏني وئي پر ان سان صلاح مشورو نه ڪيو ويو.
صدر ٽرمپ گذريل رات هڪ انٽرويو دوران نتنياهو کي ” تمام مشڪل ۽ پيچيده شخصيت“ قرار ڏنو.
تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۾ عوامي دٻاءُ ۽ نومبر ۾ ٿيندڙ ڪانگريس جي وچ-مدتي چونڊن کي نظر ۾ رکندي ٽرمپ هن غير مقبول جنگ کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو.
ان جي ابتڙ، اسرائيل ۾ نتنياهو تي جنگ جاري رکڻ لاءِ سخت سياسي دٻاءُ آهي.
نتنياهو کي ڪجهه مهينن بعد متوقع چونڊن کي منهن ڏيڻو آهي، جنهن ۾ سندس اقتدار وڃڻ جو خطرو آهي.
ماهرن موجب، جيڪڏهن نتنياهو اقتدار کان ٻاهر ٿئي ٿو ته سندس خلاف بدعنواني جي ڪيسن ۾ قانوني مشڪلاتون وڌي سگهن ٿيون. ان ڪري نتنياهو پاڻ کي هڪ مضبوط ”جنگي اڳواڻ“ طور پيش ڪري رهيو آهي ته جيئن پنهنجو سياسي مستقبل محفوظ ڪري سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.