سيالڪوٽ(م ڊ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته سيالڪوٽ ۾ تباھيءَ جو وڏو ڪارڻ نالن تي ٿيل والار آهي ۽ اھا اسان جي بلدياتي ادارن جي ناڪامي آهي. ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري دوران خواجا آصف چيو ته هن وقت جيڪا بربادي ٿي آهي، ان جا ڪيترائي رخ آهن. ڄمون کان جيڪي نالا نڪرن ٿا، سيالڪوٽ جو شهر انهن تي آباد آهي. جڏهن ڄمون کان پاڻي اچي ٿو ته سيالڪوٽ کي ٻوڏ جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. هن چيو ته منهنجو خيال آهي ته اها مڪاني ادارن جي ناڪامي آهي. جيڪڏهن بلدياتي ادارا مضبوط نه هوندا ته اھڙا مسئلا حل نه ٿيندا. پوري ضلعي ۽ نارووال ۾ به وڏي تباهي ٿي آهي. جتي به پاڻي جي رستي ۾ اڏاوتون ٿينديون، اتي پاڻي پنهنجو نئون رستو پاڻ ٺاهي وٺندو.