ڪراچي (رپورٽر/م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهري آصف اقبال پاران بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي ۾ دير خلاف درخواست داخل ڪئي وئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 2017ع ۾ اعلانيل منصوبو 2023ع تائين مڪمل ٿيڻو هو پر وري وري واڌ سبب اڃا اڻپورو آهي جنهن جي ڪري شهري آساني بدران اذيت ۾ مبتلا آهن. درخواست موجب منصوبو 79 ارب رپين ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر هاڻي لاڳت 103 ارب تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزائن ۾ به بار بار تبديليون ڪيون ويون. شهري جو چوڻ آهي ته نئين مدي موجب منصوبي کي 2026ع تائين مڪمل ڪرڻ ٻڌايو ويو آهي، پر برسات دوران اڻپوري تعمير، ٽٽل روڊن ۽ غير محفوظ رستن سبب حادثا ٿي رهيا آهن. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي نگران جي حيثيت سان ناڪام ٿي آهي، جڏهن ته فنڊز جي نگراني ڪندڙ ايشين ڊويلپمينٽ بئنڪ به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. درخواست ۾ چيف سيڪريٽري، ميئر ڪراچي، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي، ٽرانس ڪراچي، ايشين ڊويلپمينٽ بئنڪ ۽ سي آر 3 ايم ايسوسيئيشن کي ڌر بڻايو ويو آهي.