راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان پارٽي کي قومي اسيمبلي جي سڀني ڪميٽين مان استعيفيٰ ڏيڻ جي هدايت ڪندي ننڍين چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مون کي اڪيلائي واري قيد ۾ رکي ڊڄائڻ سان ڪجهه حاصل نه ٿيندو، مان نه جهڪندس ۽ نه ئي ڪو سودو ڪندس. اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان عليما خان ۽ ٻين ٻن ڀينرن ملاقات ڪئي، جتي هن واضح طور چيو ته مان نه جهڪندس ۽ نه ئي سودي تي راضي ٿيندس. عليما خان پنهنجي ڀينرن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪارڪنن جا شڪرگذار آهيون، جيڪي مهينن کان اسان سان گڏ بيٺل آهن. ٽن مهينن کان اسان ملاقات لاءِ اچي رهيا هئاسين، پر ملاقات جي اجازت نه پئي ڏني وئي. عليمه خان ٻڌايو ته سلمان اڪرم راجا، بئريسٽر گوهر، علي ظفر ۽ ٻين وڪيلن جي به ملاقات ٿي، هن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي صحت ٺيڪ آهي، صرف سندن اک ۾ ڪجهه مسئلو آهي، جنهن لاءِ عدالت ۾ درخواست ڏني ويندي، جڏهن ته علاج لاءِ پمز اسپتال جا ڊاڪٽر اچن پيا، هن وڌيڪ ٻڌايو ته باني پي ٽي آءِ بشريٰ بي بي جي صورتحال سبب پريشان آهي ۽ عمران خان کي شير شاهه ۽ شاهه ريز جي گرفتاري بابت به آگاهه ڪيو ويو آهي، عليما خان موجب، عمران خان چيو ته اهڙيون سزائون ۽ نااهليون پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به نه مليون ۽ ڪرڪيٽ کي محسن نقوي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، باني پي ٽي آءِ بونير ۽ ٻين علائقن ۾ ٻوڏ جي تباهڪاري تي افسوس جو اظهار ڪيو، عليمه خان موجب، عمران خان پارٽي کي قومي اسيمبلي جي سڀني ڪميٽين مان استعيفا ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته ضمني چونڊن بابت بئريسٽر گوهر ۽ سلمان اڪرم راجا کي هدايتون ڏنيون ته چونڊن ۾ حصو وٺي انهن کي قانوني جواز فراهم نه ڪيو وڃي، ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ ضمني چونڊن لاءِ ٻن تڪن جي جي اميدوارن جي نالن جو به اعلان ڪيو هو.