اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ بحالي واري سرگرمين بابت اجلاس ٿيو، جنهن بابت موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ سال جي چوماسي جي منصوبا بندي، موجوده سيزن ختم ٿيڻ کان اڳ ئي شروع ڪئي وڃي، ايندڙ سال اسان کي ريسڪيو بابت نه پر روڪٿام بابت ڳالهائڻ گهرجي، نيڪاسي کي بهتر بڻائڻ لاءِ اسان وٽ هڪ سال جو وقت موجود آهي، هن چيو ته وزيراعظم جي حڪم تي گذريل ڏينهن ڪراچي ويس، جتي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب شهر جو دورو ڪرايو ۽ برساتن دوران بند ٿيندڙ نالن جو به جائزو ورتو، وزيراعظم جو حڪم آهي ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ سڀ ادارا گڏجي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن متاثر ٿيل هاءِ ويز کي بحال ڪيو ويو آهي ۽ رابطي واري رستن جي بحالي جو عمل به جاري آهي.