ڇا اين ڊي ايم اي جو ڪم صرف لاش کڻڻ جو طريقو ٻڌائڻ آهي؟!

اسلام آباد(م ڊ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ هڪ ميمبر سوال ڪيو ته جيڪڏهن متاثر علائقن ۾ ڊبل ون ڊبل ٽو ۽ ضلعي انتظاميا ڪم ڪري ٿي ته پوءِ اين ڊي ايم اي ڇا ٿي ڪري؟ ڇا ان جو ڪم صرف لاش کڻڻ آهي؟ جيڪڏهن ارلي وارننگ ۽ موسم جي صورتحال اين ڊي ايم اي ٻڌائي ٿي ته پوءِ موسميات کاتو جو ڪم ڇا آهي؟ ٻڌايو وڃي ته ادارو ڪيترا فنڊ وٺي ٿو ۽ انهن جي ورهاست ڪهڙي ريت ٿيندي آهي؟ ارلي وارننگ جي ذميواري موسميات کاتي جي آهي، پر هي ڪم اين ڊي ايم اي ڪري رهي آهي، ڇا اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جو ڪم صرف لاش کڻڻ جو طريقيڪار ٻڌائڻ آهي؟ جنيد اڪبر خان چيو ته اين ڊي ايم اي ٻڌائي ته ڪلائوڊ برسٽ ٿيڻ بابت اڳڪٿي ڪيئن ڪري سگهجي ٿي؟ جتي ڪلائوڊ برسٽ ٿيا، اُتي ته ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ موجود هئا، اهي متاثر ماڻهو ڪنهن درياءَ يا نديءَ جي ڪناري تي نه رهيا هئا، اجلاس دوران اين ڊي ايم اي چيئرمين چيو ته پاڪستان وٽ لڳ ڀڳ 7 هزار 500 گليشيئرز آهن، جن مان 45 سيڪڙو تيزي سان ڳري رهيا آهن، هن ڀيري جو ٻوڏ به گليشيئرز ڳرڻ سبب آئي، ايندڙ سال جي ٻوڏ اسان لاءِ وڌيڪ نقصانڪار هوندي، جيڪڏهن گرمي پد ۾ 2 ڊگري اضافو ٿيو ته ايندڙ 52 سالن ۾ 65 سيڪڙو گليشيئر ڳري ويندا، جيڪڏهن سڀ گليشيئر ڳري ويا ته پاڪستان وٽ پاڻي نه بچندو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.