ملير (ڊ ر) ملير جي ذڪريا ڳوٺ ويجهو گهر مان عورت جو ڦاهو ڏنل لاش هٿ اچڻ وارو معاملو وائکو ٿي ويو، عورت جو قاتل سندس ڏير نڪتو. واقعي جي ايف آءِ آر مقتولڻ سعديه جي ڀاءُ اسحاق ولد هدايت الله جي مدعيت ۾ ملير ڪينٽ ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي. فريادي ڄاڻايو ته سندس ڀيڻ کي ساهرن تشدد ڪري قتل ڪيو آهي،پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب جوابدار شروعاتي جاچ دوران اعتراف ڪيو آهي ته ان پنهنجي ڀاڄائي کي زيادتي جو نشانو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي مزاحمت ڪرڻ تي کيس گهٽا ڏئي قتل ڪيو، پوليس جوابدار کي وڌيڪ جاچ لاءِ جاچ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.