ڀينرن کان خدمت وٺڻي آهي پر ملڪيت مان حصو ناهي ڏيڻو!!

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ ڀيڻ جي وراثتي حصي خلاف ڀاءُ جي درخواست خارج ڪري ڇڏي، ڪالهه جسٽس حسن رضوي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران، جسٽس نعيم افغان ريمارڪس ڏنا ته ڀاءُ کي ڀينرن کان خدمت وٺڻي آهي پر جائداد ۾ حصو ڏيڻ نٿو چاهي، ڀينرون کاڌو پچائي ڏين ٿيون، گهر جي صفائي ڪن ٿيون، جسٽس حسن رضوي ريمارڪس ڏنا ته قرآن ۾ ڀيڻ جو حصو مقرر ٿيل آهي، قرآن جي حڪم کان ڪيئن انڪار ٿي سگهي ٿو، جائداد جي ورهاست واري قسم نامي تي ڀيڻ جي صحيح به ناهي، فريادي جي وڪيل شهـاب دليل ڏيندي چيو ته ڀيڻ کي حصو ڏنو ويو آهي پر هوءَ چوندي آهي ته حصو گهٽ مليو آهي، جنهن بعد عدالت ڀيڻ جي وراثتي حصي جي خلاف ڀاءُ جي اپيل خارج ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.