ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدي تي محسن نقوي ۽ جنرل فيصل نصير ۾ تڪرار؟

اسلام آباد (زاهد گشڪوري) سياسي ۽ انتظامي حلقن ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ فوجي قيادت بابت مختلف افواهه گردش ڪري رهيا آهن. ڪجهه ماڻهن موجب محسن نقوي وزيراعظم ٿيڻ جا امڪان رکي ٿو يا پوءِ هو ڪجهه حساس معاملن تي ڊي جي سي ميجر جنرل فيصل نصير سان اختلاف رکي ٿو. اطلاعن موجب اسلام آباد ۾ اهم عهدن تي پوسٽنگ جي حوالي سان به ڳالهيون هلي رهيون آهن، جڏهن ته محسن نقوي کي نه رڳو سويلين حڪومت پر اسٽيبلشمينٽ ۾ به اثرائتي شخصيت سمجهيو وڃي ٿو. ٻئي پاسي ميجر جنرل فيصل نصير بابت اڳڪٿيون آهن ته هو مستقبل ۾ نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ بڻجي سگهي ٿو، ان سان گڏوگڏ بلوچستان ۾ ڪور ڪمانڊر جهڙو اهم عهدو سنڀالي سگهي ٿو. ساڳئي وقت ڪجهه ماڻهو جنرل واجد عزيز جو نالو به نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ لاءِ سامهون آڻي رهيا آهن، جنهن کي محسن نقوي جو ويجهو سمجهيو پيو وڃي. هلندڙ اهي ڳالهيون يا افواهه به ٿي سگهن ٿا، پر ڏسڻو اهو آهي ته ايندڙ وقت ۾ قيادت جي حوالي سان ڪهڙا فيصلا سامهون اچن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.