ڪراچي (عرفان بلوچ) ڪيبل آپريٽر ايسوسيئيشن ۽ پٽاپا پاڪستان جي اڳواڻن خالد آرائين، عمران عابدي، عامر شيخ،عبدالرحمان، اخلاق احمد، رانا ايوب ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ پھريون ڪيبل جو سسٽم ڪراچي ۾ لڳو ھو ۽ مسئلا به ڪراچي ۾ آھن هنن چيو ته هي بدقسمت شھر آھي جتي 7 ڪنٽومينٽ بورڊ، ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز آھن شھر ھڪڙو آھي پر ھن کي سنڀالڻ وارا ست کان اٺ ادارا آھن پنجاب ۾ شھباز شريف سھولتون فراھم ڪيون ۽ ڪيبل آپريٽرز پنھنجو بھترين ڪم هنن چيو ته ميئر ڪراچي مرتضي وھاب شفيق انسان آھي پر سندس عملو ان کي مس گائيڊ ڪري رھيو آھي، ٽائون چيئرمين به ھنن جا آھن ڪي ايم سي مسئلن تي مرتضيٰ وھاب سان شڪايتون ڪيون پر ڪو معاملو حل نه ٿيو جناح ٽائون جو چيئرمين جماعت اسلامي جو آھي، معاھدي تي صحيحون ڪري زير زمين ڪم ڪيو جناح ٽائون کانپوءِ ڪي ايم سي جو روڊ آيو پر ڪيبل آپريٽرن جون تارون ڪاٽي گاڏيون ضبط ڪيون پيون وڃن مرتضيٰ وھاب کي شڪايتون ڪيون پر ڪو تدارڪ نه ٿيو