اسرائيلي فوج جو غزا جي النصر اسپتال تي حملو، صحافين سوڌو 20 شهيد

غزہ (م ڊ) اسرائيلي فوج پاران غزا جي النصر اسپتال تي ٻن وڏن حملن ۾ پنج صحافين سميت 20 ماڻهو شهيد ٿي ويا، عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج سومر ڏينهن النصر اسپتال کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ ڊيوٽي تي موجود پنج صحافي به شامل آهن، شهيد ٿيندڙ صحافين ۾ رائٽرز جو ڪئمران حسام المصري، ايسوسيئيٽڊ پريس ۽ برطانوي اخبار دي انڊيپينڊنٽ جي نامه نگار مريم ابودقه، آمريڪي چينل اين بي سي نيٽورڪ جو صحافي ابوطحٰه، الجزيرا جو فوٽو جرنلسٽ محمد سلاما ۽ قدس نيوز جو رپورٽر احمد ابو عزيز شامل آهن.عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج ۽ وزيراعظم آفيس النصر اسپتال تي حملي بابت فوري ردعمل کان پاسو ڪيو آهي. رپورٽ مطابق پنج وڌيڪ صحافين جي شهادت بعد، غزا ۾ آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ صحافين جو انگ 245 تائين پهچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.