ڪراچي(رپورٽر) شاهراهه فيصل ڊرگ روڊ انڊر بائي پاس تي تيز رفتار مسافر مزدا ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار ماڻهن مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ماءُ پٽ سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ هڪ عورت سخت زخمي ٿي وئي، ڊرگ روڊ انڊر بائي پاس تي ڊي-11 روٽ جي تيز رفتار مسافر مزدا ٽن ڄڻن جون حياتيون ضايع ڪيون، پوليس مسافر مزدا کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ان جي ڊرائيور کي گرفتار ڪري لاڳاپيل ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، فوتين جي سڃاڻپ 60 ورهين جي سيما، 24 ورهينجي محمد شعيب ۽ 42 ورهين جي حارث جي نالن سان ٿي، زخمي عورت جي سڃاڻپ 24 ورهين جي نائلا زال شعيب طور ڪئي وئي، حادثي ۾ محمد شعيب ۽ سندس ماءُ فوت ٿي ويا، جڏهن ته سندس زال زخمي ٿي وئي، شعيب پاڪستان نيوي جو ملازم ۽ شاهه لطيف ٽائون جو رهواسي هو، جڏهن ته محمد حارث لياري آگره تاج ڪالوني جو رهواسي ٻڌايو وڃي ٿو جيڪو الڳ موٽرسائيڪل تي سوار هو، ٽريفڪ پوليس انڊرپاس ۾ برساتي پاڻي ۽ گپ موجود هئڻ سبب موٽرسائيڪلون سلپ ٿيون ۽ پويان ايندڙ تيز رفتار مسافر مزدا موٽرسائيڪل سوارن مٿان چڙهي وئي، ٻي پاسي قيوم آباد چورنگي ويجهو واٽر ٽينڪر جي ٽڪر سبب موٽرسائيڪل سوار نوجوان محمد عثمان ولد عبدالرشيد سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.