اسلام آباد (م ڊ) ميجر جنرل نور ولي خان کي ٽن سالن لاءِ وفاقي گهرو وزارت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري طور مقرر ڪيو ويو آهي، نجي ٽي وي رپورٽ موجب ميجر جنرل نور ولي خان پنهنجي نئين عهدي تي سول آرمڊ فورسز سان لاڳاپيل معاملا سنڀاليندو، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان ميجر جنرل نور ولي خان جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، ان کان اڳ ميجر جنرل نور ولي خان دفاع واري وزارت ۾ ذميواريون نڀائي رهيا هئا، هُن کي هاڻ وفاقي حڪومت طرفان ڊيپيوٽيشن تي گهرو وزارت موڪليو ويو آهي، ذريعن موجب، ميجر جنرل نور ولي خان سڌو سنئون گهرو سيڪريٽري جي ماتحت ڪم ڪندو، واضح رهي ته ان عهدن تي اڳ سهيل تاجڪ مقرر هئو جنهن کي هٽائي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.