اسلام آباد(قربان بلوچ) نيشنل فنانس ڪميشن (NFC) جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. مالي معاملن بابت ماهر اشرف ملغم چيو آهي ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ پئسن جي ورهاست تي ڇا ٿيندو ـ ڪنهن کي ڇا ڏيڻو آهي، ڪنهن کان ڇا وٺڻو آهي.اها ڳالهه تمام حساس ۽ اهم آهي، ڇو ته اڳ ۾ صوبا هميشه وفاق سان وڙهندا هئا ته اسان کي حصو گهٽ ملي ٿو ۽ توهان وڌيڪ پاڻ وٽ رکي رهيا آهيو، تنهنڪري اسان جو حصو وڌايو وڃي. پر هاڻ صورتحال ابتڙ ٿي وئي آهي،وفاق چوي ٿو ته اسان وٽ پئسا ئي ناهن، تنهنڪري صوبن تي ڪٽ لڳائڻو پوندو.پر آئين جي تحت صوبن جو جيڪو حصو مقرر آهي، اهو گهٽ نٿو ڪري سگهجي. هاڻي وفاق سوچي رهيو آهي ته بغير آئيني ترميم جي صوبي جو حصو ڪيئن گهٽائي سگهجي.اطلاع موجب وفاقي حڪومت اڳواٽ تياري ڪندي هڪ ڪميٽي ٺاهي، جنهن جي بريفنگ ۾ صوبن کي ٻڌايو ويندو ته وفاق جي سالياني آمدني ڪيتري آهي. هن سال اها لڳ ڀڳ 19 هزار 200 ارب رپيا آهي، جنهن ۾ ٽيڪس ۽ نان ٽيڪس آمدني شامل آهي.هن مان 57.5 سيڪڙو حصو صوبن کي وڃي ٿو، يعني لڳ ڀڳ 8500 ارب رپيا صوبن کي منتقل ٿيندا. ساڳئي وقت وفاق کي لڳ ڀڳ 8200 ارب رپيا قرضن جي وياج ۾ به ڏيڻا پوندا.ان کان پوءِ دفاعي خرچ آهي، جيڪو لڳ ڀڳ 2500 ارب رپيا آهي.صوبن کي مختلف گرانٽس وينديون آهن،ان ۾ بجلي تي سبسڊي لاءِ 1100 ارب رپين جي سبسڊي وفاق ڏيندو آهي، غريبن لاءِ وفاق 700 ارب رپيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ ڏئي ٿو، ٻين خرچن کي شامل ڪجي ته وفاق 3500 ارب رپيا خساري ۾ وڃي ٿو.ان کان علاوه عالمي طور تي پاڪستان لاءِ قرضن جي صورتحال ٺيڪ ناهي، هن سال به پاڪستان حڪومت کي 26 ارب ڊالر قرضن جي صورت ۾ واپس ڪرڻا آهن، قرض ادا ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي وياج واپس ڪرڻ لاءِ حڪومت کي عالمي ادارن کان قرض وٺڻو پوي ٿو،وفاق اهو ڪيس صوبن آڏو رکندو ته توهان به پنهنجو حصو ڏيو ، ڇو ته دفاع صرف اسلام آباد جو نه، پر سڄي ملڪ جو آهي. ان کان علاوه “دهشتگردي خلاف جنگ” جا خرچ به وڌي رهيا آهن.ان حوالي سان اهو تجويز به آهي ته اين ايف سي اوارڊ مان جيڪو 1 سيڪڙو دهشت گردي خلاف جنگ لاءِ رکيو ويندو آهي، ان کي وڌائي 3 يا 5 سيڪڙو ڪيو وڃي.ٻيو وڏو معاملو اهو آهي ته پيٽرول تي “ليوي” (ٽيڪس کان سواءِ لاڳو ٿيل اضافي رقم) وفاق جي کاتي ۾ وڃي ٿي، جيڪا ورهاست ۾ شامل ئي نٿي ٿئي هاڻ اهو لڳ ڀڳ 2000 ارب رپيا ٿي ويو آهي.ان ڪري صوبا سوال پڇندا ته پوءِ اسان جا خرچ ڪيئن هلندا؟.ان سلسلي ۾ ٿيندڙ قانونسازي تي پ پ پهرين ٿورو گوڙ ڪيو پر پوءِ چپ ٿي وئي،پ پ هاڻي مضبوط پارٽي نه رهي آهي،هاڻي اها ڪمپرومائزڊ پارٽي بڻجي وئي آهي،پيٽروليم تي سنڌ ۽ عوام جو ڪيس وڙهڻ جي هام هڻندڙ پ پ وفاقي بجيٽ جي منظوري ۾ ته حڪومت جو ساٿ ڏئي ڇڏيو، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، تنهنڪري سڀ کان وڏو امتحان به پيپلز پارٽي لاءِ هوندو، ڇو ته جيڪڏهن وفاق جو طريقو تبديل ٿيو ته انهن ٻنهي صوبن تي سڌو اثر پوندو.ساڳئي وقت ڳالهه هلي رهي آهي ته آبادي جي بنياد تي 82 سيڪڙو وزن رکڻ واري فارمولي کي به تبديل ڪيو وڃي. ان مان پنجاب متاثر ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ان جو وڏو حصو آبادي جي بنياد تي آهي.مرڪزي حڪومت وڏي آبادي رکندڙ جو حصو گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پر ڇا پنجاب جي حڪومت وفاق جي ڳالهه ٻڌندي؟ اهو وڏو سوال آهي.هاڻ ايندڙ اجلاس ۾ خبر پوندي ته صوبا ڇا پاليسي اختيار ڪن ٿا.