اسلام آباد(سهراب برڪت)اڳوڻي سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو آهي ته مان آفريڪا تي پهريون ٿنڪ ٽئنڪ بڻايو آهي،آفريڪا کنڊ ۾ پاڪستان جي وڏي عزت آهي،چيني پرڏيهي وزير جي بقول پاڪ فوج ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام،قومي يڪجهتي جي علامت ۽ پاڪ چين دوستي جي محافظ آهي،هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته هاڻي ته نام نهاد سياستدان به تسليم ڪن ٿا ته اسلام آباد جو رستو پنڊي ذريعي وڃي ٿو،جنرل عاصم منير سينئر موسٽ جنرل آهي،جيڪو آرمي چيف بڻيو،ذاتي طور هو ايماندار ماڻهو آهي،ڀارت خلاف جنگ ۾ فيلڊ مارشل ۽ ايئر چيف مارشل جو زبردست ڪردار آهي،ماضي ۾ ته گهڻا صاحب اهو به چوندا هئا ته اسان وٽ جنگ وڙهڻ لاءِ تيل به ناهي،اهڙن ماڻهن کي سپهه سالار نه بڻائڻ گهرجي،انهن کي ڊرائنگ روم ۾ ويهي چانهه پيئڻ گهرجي،هن چيو ته ان حقيقت باوجود ته اسان جي فوج هندستان کي جنگ ۾ هارايو،اسان جي فوج پروفيشنل آهي،اسان وٽ ايٽمي هٿيار اهن،هن وقت جيڪو نظام هلي رهيو آهي اهو نالائق نظام آهي، هن چيو ته هن حڪومت جو ڪو به قانوني جواز ناهي،سڀني کي خبر آهي ته فارم 47 جي حڪومت آهي، اسان جا پنهنجا ماڻهو ٻاهرين ملڪ ۾ سيڙپڪاري پيا ڪن،پوءِ اهي حڪمران ڪٿان کان پرڏيهي سيڙپڪاري آڻيندا،هن چيو ته ڊان اخبار لکيو آهي ته گذريل ٽن سالن ۾ 20 هزار پاڪستانين دبئي ۾ 12 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي آهي،هن حڪومت ۾ 300 ارب رپين کان وڌيڪ جو شگر اسڪينڊل آيو آهي،حڪومت ۽ مخالف ڌر جي مک اڳواڻن وٽ شگرملون آهن،آءِ ايم ايف کان قرض وٺندڙ حڪمرانن جي ذهنيت مغل بادشاهن جهڙي آهي،جاپان دوري تي پنجاب حڪومت جي وفد ۾ 30 ماڻهو شامل هئا،شاهاڻا خرچ وڌي رهيا آهن،ڪابينا ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهو شامل آهن،ڊليوري ڪيتري آهي؟هن چيو ته هن وقت پرڏيهي وزارت سٺي نموني ڪم ڪري رهي آهي، آمريڪا، چين،ايران،ا فغانستان،بنگلاديش سان لاڳاپا بهتر آهن، هن وقت رڳو خانداني، ذاتي ۽ پارٽي مفادن لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي،ملڪ لاءِ ڪير نه پيو سوچي،مٿان وري نون صوبن جو شوشو ڇڏيو ويو آهي،چئن صوبن کي مضبوط ڪريو،وفاق کي ڪمزور نه ڪيو وڃي،هن چيو ته صوبن جا وڏا وزير وار لارڊز بڻيل آهن، اهي جتي چاهين پئسا اڇلين،ايليٽ ۽ اسٽريٽ وچ ۾ ويڇا وڌي رهيا آهن، عوام جو هن نظام تي اعتماد ناهي،ڪمزور معيشت،دهشت گردي ۾ ڪهڙا مسئلا حل ڪيا ويا آهن؟ هڪ برسات ۾ ڪراچي ٻڏي وڃي ٿي،اسٽريٽ ڪرائيم وڌي ويا آهن، 14 آگسٽ تي ميڊل ڏيڻ مذاق بڻيل آهي، هن چيو ته جتي ظلم ٿيندو اتي ردعمل ايندو،بنگلاديش جو مثال اسان جي سامهون آهي، احتساب نه ٿيو ۽ ناانصافي جاري رهي ته پاڪستاني عوام سخت ردعمل ڏيندو،هن چيو ته عمران خان به غلطيون ڪيون پر هو هن وقت به مقبول آهي،حڪومت ۾ ويٺل وڏا اهو سوچي رهيا آهن منهنجو پٽ وزيراعظم بڻجندو،منهنجي ڌيءُ وزيراعظم بڻجندي،معاشي صورتحال باوجود حڪمرانن جون شاهه خرچيون وڏو اشو آهي،يورپي سفارتڪار ته اسان جو مذاق پيا اڏائن،انهن جا ته وزيراعظم سفر لاءِ سائيڪل استعمال ڪن ٿا،هن چيو ته ايندڙ ڀيري عوام انهن حڪمرانن کي رد ڪري ڇڏيندو،اسٽيٽس ڪو ٽٽي ويندو،ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ باوجود تعليم،صحت ۽ امن امان مسئلو بڻيل آهن، لکين ٻار اسڪول نٿا ڏنا وڃن،40 سيڪڙو ٻارن خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن، هن چيو ته جنهن ملڪ ۾ ڪلمه حق ڏوهه بڻجي وڃي اهو ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي،غربت ۽ بيروزگاري وڌي رهي آهي،هن چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪلين اپ شروع ٿيڻ گهرجي،شي جن پنگ چين ۾ ان ڪري ڪامياب آهي ڇو ته هو ننڍن چورن بدران وڏن چورن کي پڪڙي ٿو،