جدو(م ڊ) پاڪستان ۽ سعودي عرب او آءِ سي جي اجلاس ۾ گريٽر اسرائيل منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو، پاڪستان چيو ته گريٽر اسرائيل منصوبو ناقابلِ قبول ۽ امن لاءِ خطرو آهي، سعودي عرب ان کي عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي قرار ڏنو، ڪالهه سعودي عرب جي شهر جدي ۾ غزه جي المناڪ صورتحال بابت اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو چيو ته نيتن ياهو جو بيان عرب قومي سلامتي، رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ سڌو خطرو آهي، اسحاق ڊار وزيراعظم شهباز شريف جو حوالو ڏيندي چيو ته هن جاري سانحي جي جڙ اسرائيل جو ڊگهو غيرقانوني فلسطيني علائقن تي قبضو آهي، جيستائين هي قبضو برقرار رهندو تيستائين امن رڳو هڪ خواب رهندو، اسان پنهنجن ڀائر عرب ملڪن سان مڪمل طور گڏ بيٺا آهيون ته جيئن انهن جي آزادي ۽ علائقائي سالميت خلاف ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ ۾ سندن خودمختياري جو دفاع ڪري سگهجي، غزه ۾ انساني امداد جي مڪمل ۽ محفوظ رسائي يقيني بڻائي وڃي ۽ جبري بي دخلي ۽ غيرقانوني قبضي جو جلد خاتمو ڪيو وڃي، نائب وزيراعظم زور ڏنو ته (غزه ۾) موجوده انساني همدردي جو نظام اصل ۾ هڪ ”ظالماڻو فريب“ آهي ۽ هن نشاندهي ڪئي ته غزه پٽي ۾ غيرمعمولي بک ۽ ڏڪار عام آهي، پاڪستان انهن سڀني رياستن ۽ ڀائيوارن جي وڏي قدر ڪري ٿو جيڪي غزه ۾ امن جي واڌاري لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، انهن جي مسلسل ڪوششون ۽ غير متزلزل حمايت فلسطيني عوام لاءِ استحڪام ۽ انصاف حاصل ڪرڻ ۾ نهايت ضروري آهي، هن زور ڏيندي چيو ته اسان انهن رياستن کي اپيل ڪريون ٿا جيڪي اڃا تائين فلسطين جي رياست کي تسليم نه ڪري سگهيا آهن ته اهي اهو قدم جلدي کڻن، اجلاس دوران ڳالهائيندي سعودي وزير فيصل بن فرحان گريٽر اسرائيل منصوبي تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته گريٽر اسرائيل جو وزن ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، فلسطين جو واحد حل ٻه رياستي آهي، اسرائيل غزه ۾ هڪ طرفي ڪارروائي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته غزه ۾ اسرائيلي حملا عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙيون آهن، ياد رهي ته اسرائيل اولهه ڪناري ۾ 3 هزار کان وڌيڪ يهودين کي آباد ڪرڻ جي منصوبي جي منظوري ڏني آهي، جنهن سان يروشلم ۽ اولهه ڪنارو هڪ ٻئي کان ڪٽجي ويندا.