ٻوڏ متاثرن کي واعدي موجب گهر ٺاهي ڏئي رهيا آهيون:بلاول

لاڙڪاڻو/نئون ديرو(نمائندا) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻوڏ ۽ مينهن جي تباهه ڪارين بعد جيڪو پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت اوهان سان واعدو ڪيو ان واعدي کي پورو ڪندي اوهان جا گهر ٺهي رهيا آهن ۽ مالڪاڻا حق به ان گهر جي عورتن کي ڏئي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهارپ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد شاهه ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر سان گڏجي يونين ڪائونسل بهمڻ جي ڳوٺ راهوجا ۾ تعمير ٿيل گهرن جون سندون ورهائڻ واري تقريب کي خطاب بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته اسان جو اهو ئي مقصد آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جي سوچ کي اڳتي کڻي هلندا سين شهيد بي بي اوهان سان واعدو ڪيو ته روٽي ڪپڙا ۽ مڪان ڏيڻو آهي ۽ اسان گهر ٺهرائي ڏئي رهيا آهيون ۽ اسان مالڪاڻا حق ان جي ڪري عورتن کي ڏئي رهيا آهيون ته انهن عورتن کي معاشي طاقت ملي هاڻ هي صرف هڪ گهر ناهي پر اوهان جي ملڪيت آهي ۽ هن جي قيمت ايندڙ وقت ۾ وڌندي رهندي ۽ ملڪيت اوهان پاڻ رکو ۽ ايندڙ وقت ۾ اها ملڪيت اوهان پنهنجي ٻارن جي نالي ڪري ڏيندا ۽ ائين ئي وري اهي پنهنجن ٻارن جي نالي ڪري ڏيندا ۽ اوهان کي سڪون ۽ تحفظ هجڻ گهرجي ۽ اوهان کي خبر هجڻ گهرجي ته اوهان پنهنجي گهر ۾ محفوظ آهيو ۽ اوهان کان ڪو به گهر کسي نه ٿو سگهي مان سنڌ حڪومت جو بيحد شڪر گذار آهيان جنهن جي تعاون ۽ محنت سان گهر ٺهي رهيا آهن مون کي خوشي آهي ته عوام کي پڪا گهر ٺهي ملي رهيا آهن مان چاهيان ٿو ته انهن گهرن ۾ سولر جي سهولت به مهيا ڪري ڏيون ته جيئن بجلي جي مسئلي مان اوهان آجا هجو اسان سنڌ حڪومت جي مدد سان هنن گهرن ۾ صفائي جي سهولت به مهيا ڪري ڏينداسين. ان موقعي تي  ايس پي ايڇ ايف جي سي اي او خالد محمود شيخ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هڪ لک ٻاويهه هزار گهر تعمير ڪري رهيا آهيون جن مان 90 هزار گهر تعمير ٿي ويا آهن. جڏهن ته سرسو جي سي اي او ڏتل ڪلهوڙو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سروي مطابق سنڌ حڪومت بلب، پکو، انورٽر، بيٽري ۽ تارن تي مشتمل ڪِٽون هزارين مستحقن ۾ ورهايون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.