پيپلزپارٽي مخالف اتحاد ٺهڻ وارو، وزيرن خلاف وڏي ڪريڪ ڊائون جون تياريون؟

ڪراچي (حنيف دوامي) سنڌ ۾ نئون سياسي اتحاد ٺهڻ وارو آهي. وڏين سياسي پارٽين جي اڳواڻن جي ملاقاتن جا سلسلا شروع ٿي ويا آهن. ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر، غلام مرتضيٰ جتوئي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نئين سياسي اتحاد بابت اهم فيصلا ٿيا. ان تي غور ٿيو ته ڪنهن کي اتحاد ۾ شامل ڪرڻو آهي ۽ دعوت ڏيڻي آهي، ۽ ڪهڙن پ پ جي ناراض اڳواڻن کي اتحاد ۾ شامل ڪرڻو آهي. هن ملاقات پيپلزپارٽي قيادت کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه پ پ اڳواڻن موجب هي اتحاد رڳو سنڌ حڪومت ۽ پ پ خلاف ٺاهيو پيو وڃي ته جيئن پ پ کي ڀت سان لڳايو وڃي. اتحاد ٺهرائڻ ۾ اهي ئي ماڻهو ملوث آهن جيڪي پردي پٺيان اتحاد ٺهرائيندا آهن. هاڻي پ پ جي ڪجهه وزيرن کي به ڊيڄاري ڌمڪائي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته جيئن انهن کي نئين اتحاد ۾ شامل ڪرائجي ۽ طاقتور اتحاد بڻائجي. ملاقات ۾ پ پ جو اڳوڻو ايم پي اي سيد ظفر علي شاهه جو ڀاءُ ڊاڪٽر احمد علي شاهه، پيپلزپارٽي اڳواڻ شڪيل جلباڻي به ملاقات ۾ شامل هو. پ پ جا پنهنجا ڪاوڙيل ماڻهو ڪنهن به نئين پ پ مخالف اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جا منتظر آهن. اتحاد جو اعلان اڃا ناهي ٿيو. امڪان آهي ته وڏي انگ ۾ پ پ جا پنهنجا ڪاوڙيل ماڻهو جن ۾ وزير به شامل آهن، اهي اتحاد ۾ شامل ٿي ويندا. هن اتحاد جي عملي شروعات ڪراچي ۾ هڪ پوليس آپريشن ذريعي ڪئي وئي. ان دوران فرحان غني کي گرفتار ڪيو ويو ۽ دهشتگردي جو ڪيس ڪيو ويو. سموري سنڌ حڪومت، پيپلزپارٽي قيادت، وڏو وزير ۽ مشينري فرحان غني کي بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي هئي پر ڪنهن سندن نه ٻڌي. جيڪو پ پ جي وزيرن جي ڀائرن سان ٿيو آهي اهو هاڻي وزيرن سان به ٿيڻ وارو آهي. اهي وزير جن جا ڪرتوت سٺا ناهن. هاڻي پيپلزپارٽي جي ڪنهن کي ضرورت ناهي، اهي بار بڻجي چڪا آهن، ترميم جي معاملي ۾ به نمبر پورا آهن. پيپلزپارٽي خلاف وڏو آپريشن ٿيڻ وارو آهي جنهن جي شروعات ايف آءِ اي جي  نئين ڊائريڪٽر جي پوسٽنگ جي شڪل ۾ ڪئي وئي آهي. هن نيب کان سمورا گهربل رڪارڊ گهرائي ورتا آهن. وزيرن، اسيمبلين ميمبرن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻي آهي.

  1. تشدد واقعو غني ڪٽنب لاءِ خراب سنوڻ، سياسي مستقبل تي سوال اٿندا؟

ڪراچي (ارباب چانڊيو) پيپلزپارٽي جي طاقتور ۽ بااثر ٽائون ناظم فرحان غني کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هٿڪڙيون هڻي پيش ڪيو ويو. هڪ چونڊيل ٽائون چيئرمين کي پيش ڪرڻ وقت سندس چهرو ڍڪيو ويو، هٿ ڪڙين کي به ڍڪيو ويو. ڪوشش اها ڪئي وئي ته ميڊيا جي ساڻس ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي. عدالت ۾ پراسيڪيوٽر گهر ڪئي ته 14 ڏينهن جو رمانڊ ڏنو وڃي. عدالت جوابدارن کي 28 آگسٽ تائين پوليس جي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو. اهي ڳالهيون سمجهه ۾ نه آيون ته فرحان غني ۽ ساٿين کي منهن لڪائي آڻڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ کين ميڊيا کان پري ڇو رکيو ويو؟ فرحان غني ۽ ساٿين پنهنجو وڪيل ڇو ناهي ڪيو؟ سعيد غني چيو هو ته هو عدالت مان انصاف وٺندا. ميڊيا کي پري رکي اهو پيغام ڏنو ويو ته اوهان ان ڳالهه کي وڌيڪ نه اٿاريو. اها ڳالهه واضح آهي ته جهيڙو ٿيو آهي، پوءِ کڻي روڪڻ، ٽوڪڻ يا ٻي ڳالهه تي ٿيو هجي. اهو به واضح ٿيو ته جن تي تشدد ٿيو آهي اهي سرڪاري ملازم آهن ۽ جنهن اداري جا ملازم آهن، اهو ادارو پنهنجي ملازمن جي مالڪي ڪري ٿو، ان ئي بنياد تي اي ٽي سي جا قلم به لڳا آهن. هاڻي ايندڙ ڪجهه ڏينهن اهم هوندا، اسلام آباد مان جيڪا اهم شخصيت اچڻي هئي اها ڪراچي پهچي چڪي آهي، اها شخصيت وڏا معاملا به ننڍن جملن سان حل ڪرڻ جي ماهر آهي. چئن ڏينهن دوران نه رڳو جهيڙي جي جاچ پر ان کان اڳتي به ڳالهه وڌندي. فرحان غني کان ماضي جو به پڇاڻو ٿيندو ۽ مستقبل جو به ٿيندو. رڳو پيسي يا ملڪيت جي حاصلات کانسواءِ ڄاڻ به حاصل ڪئي ويندي آهي. هاڻي جڏهن فرحان غني کي 28 تاريخ تي پيش ڪيو ويندو ته کوڙ شيون سامهون اچي چڪيون هونديون. ٿي سگهي ٿو ته کيس جيل موڪليو وڃي يا ضمانت جي درخواست ڏني وڃي. پر ائين نٿو لڳي ته سندس ضمانت جلدي ٿيندي. ڪجهه ماڻهو ٺاهه جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر ماضي ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي جيڪي اهڙي قسم جا ڦڏا ڪندا آهن انهن جي سياسي مستقبل تي کوڙ سوال اٿندا آهن. کڻي فرحان غني ٽائون چيئرمين رهجي وڃي پر اڳتي هلي هو گهڻن معاملن ۾ ڪليئر نه ٿي سگهندو. واقعو فرحان غني ۽ ڪٽنب لاءِ سٺو سنوڻ ناهي. اڳتي جيڪو ٿيندو اهو فرحان غني ۽ سعيد غني جي حق ۾ نه هوندو، اڳتي ڪيئن ويندا، اها سندن حڪمت عملي هوندي.

  1. فريادي ڪهڙي اداري جا ملازم آهن؟ پڇاڻي تي پراسيڪيوٽر جواب ڏيڻ کان لاچار

ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي انتظامي لنڪ جج آڏو صوبائي وزير سعيد غني جي ڀاءُ فرحان غني ۽ ٻين جوابدارن کي پوليس پيش ڪيو، عدالت سڀني کي 28 آگسٽ تائين جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ڪيس ۾ الزام آهي ته جوابدارن هنگامي آرائي ۽ سرڪاري ملازمن تي تشدد ڪيو. گذريل ڏينهن اسپيشل مئجسٽريٽ جوابدارن کي هڪ ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو هو، جنهن کانپوءِ کين عدالت آڏو پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر چيو ته جوابدارن فريادي ۽ ٻين کي مارڪٽ ڪئي، جڏهن ته پراسيڪيوٽر چيو ته فريادي فائبر ڪيبل جو ڪم سرڪاري نگراني هيٺ ڪري رهيو هو، جنهن تي دهشتگردي جا قلم لاڳو ڪيا ويا آهن، پر عدالت پڇاڻو ڪيو ته فريادي ڪهڙي اداري جا ملازم آهن؟ عدالت جي سوال تي هو ادارو ٻڌائي نه سگهيو. فرحان غني ۽ ٻين چيو ته اسن جو ڪو وڪيل ناهي، تنهن تي عدالت چيو ته جن وٽ پاور آف اٽارني ناهي انهن کي پوئتي ويهڻ گهرجي. فرحان غني عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته مون تي ڪوڙو الزام آهي، مون ڪوبه تشدد نه ڪيو، مان ٽائون چيئرمين آهيان ۽ غيرقانوني ڪم بابت پڇاڻو ڪرڻ منهنجو حق آهي، مون کي روڊ کوٽائي جو اجازت نامو به نه ڏيکاريو ويو. سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته فريادي جوابدار کي اين او سي ڏيکاري هئي. عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇيو ته دهشتگردي ايڪٽ ڪيئن لاڳو ٿي سگهي ٿو، جنهن تي جواب ڏنو ويو ته سرڪاري آفيسر تي تشدد ٿيو آهي. عدالت هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ جي اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي.

  1. سنڌ حڪومت سينئر وزير جو ڀاءُ گرفتار ٿيڻ کان نه بچائي سگهي؟

ڪراچي(حنيف دوامي) سنڌ حڪومت پنهنجي هڪ سينيئر وزير جي ڀاءُ کي فيروزآباد ٿاڻي ۾ دهشتگرديءَ جي ايف آءِ آر کان بچائي نه سگهي، ۽ نه ئي هٿ ٻڌڻ باوجود گرفتاري کان بچائي سگهي. حڪومت جي زور هو ته ٽائون چيئرمين فرحان غني لاءِ  صبح تائين ضمانت لاءِ وقت ڏنو وڃي، پر پوليس ۽ ادارن ان ڳالهه کي نه مڃيو ۽ کيس گرفتار ڪيودلچسپ ڳالهه اها آهي ته فيروزآباد ٿاڻي جو ايس ايڇ او انعام غني پاڻ به فرحان غني جي سفارش تي مقرر ٿيو هو، پر کيس ئي حڪم مليو ته ايف آءِ آر داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي.ٻيو واقعي به سنڌ حڪومت لاءِ شرمندگيءَ جو سبب بڻيو. سنڌ حڪومت جي خاتون ترجمان اقربا فاطمه، جنهن جو مڙس توحيدالرحمٰن هڪ ايس ايس پي آهي، انهن جي گهر ۾ ڌاڙو لڳي ويو، يعني عوام جي جان ۽ مال جا محافظ پاڻ به محفوظ نه رهيا.ذريعن موجب  حساس ادارن جا ماڻهو برسات سبب متاثر ٿيندڙ پنهنجو ڪميونيڪيشن نيٽ ورڪ بحال ڪري رهيا هئا، ۽  اهو ڪم انتهائي ضروري هو، پر فرحان غني ۽ سندس ماڻهن ان کي پنهنجي مفاد خلاف سمجهي مزدورن تي تشدد ڪيو ۽ کين اغوا ڪري يوسي آفيس ۾ کڻي ويا. پوءِ ايس ايچ او کي سڏائي حڪم ڏنو ويو ته انهن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.پر جڏهن اعليٰ ادارن کي خبر پئي ته هڪ سينيئر وزير جي ڀاءُ رياستي ڪم ۾ رڪاوٽ وڌي آهي، ته حڪم آيو ته ڪيس داخل ڪيو وڃي، ڀلي وزير جو ڀاءُ هجي يا وزيراعليٰ جو. آخرڪار ايف آءِ آر داخل ٿي ۽ فرحان غني کي پوليس موبائيل ۾ ويهاري حوالات ۾ وجهي ڇڏيو ويو.هن وقت صورتحال اها آهي ته سنڌ حڪومت ۾ شامل سمورا ماڻهو دٻاءَ ۾ هئا پر ڪيس روڪي نه سگهيا. هو صرف وقت وٺڻ لاءِ درخواست ڪندا رهيا پر ادارن هڪ به نه ٻڌي.ان سان ظاهر ٿيو ته اصل حڪم ڪنهن”ٻئي “جو هلندو آهي. اها ئي حقيقت کين هن واقعي ياد ڏياري ڇڏي.مخالف ڌريون جشن ملهائي رهيون آهن، مٺايون ورهائي رهيون آهن ته “هاڻي کين خبر پئي ته اصل طاقت ڪنهن وٽ آهي،سياسي حلقا سوال اٿاري رهيا آهن ته ڇا  هاڻي سنڌ حڪومت لاءِ هي واقعو هڪ “نوشتا ديوار” آهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.