ڪوٽ راڌا ڪشن ۾ 30 رپين جي تڪرار تان 2 ڀائر قتل

ڪوٽ راڌا ڪشن (م ڊ) ڪوٽ راڌا ڪشن واري علائقي ۾ صرف 30 رپين جي تڪرار تان ريڙهي وارن ٻن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو ، جڏهن ته پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب موضع رتي پنڊي جا ٻه ڀائر، 22 سالن جو واجد ۽ 25 سالن جو راشد هڪ ريڙهي واري کان ميووا خريد ڪري رهيا هئا، ان دوران رڳو 30 رپين تي جهيڙو ٿي پيو، ريڙهي وارن تيمور ۽ اويـس پنھنجي پنج ساٿين سان گڏجي ٻنھي ڀائرن کي ڏنڊا هڻي سخت مرڻينگ ڪري وڌو، جنهن جي نتيجي ۾ 22 ورهين جو واجد فوت ٿي ويو، جڏهن ته 25 ورهين جي راشد اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، واقعي جو هڪ افسوسناڪ رخ اهو به آهي ته ماڻهن وڊيوز ٺاهيون پر ڪنهن به جهيڙو روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي، پوليس مقتول جي والد سعيد اقبال جي درخواست تي ڪيس  داخل ڪري هڪ جوابدار تيمور کي گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته ٻين جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.