بٺن ۽ ٻين هنڌن تي پورهيتن سان ظلم بند ڪيو وڃي:پورهيت اڳواڻ

قصور (پ ر) پاڪستان مزدور ڪسان پارٽي جي انتظام هيٺ بابا بلي شاهه جي عرس جي موقعي تي ”بلي شاهه مزدور ميلا“ جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي وفد شرڪت ڪئي، عوامي تحريڪ جي وفد جي اڳواڻي مرڪزي آفيس جي سيڪريٽري ڄام تماچي ۽ مرڪزي اڳواڻ سروان جتوئي ڪئي، پروگرام ۾ مزدور ڪسان پارٽي جي اڳواڻن ميان ممتاز ايڊووڪيٽ، ڪامريڊ ضياءُ الحق، پروفيسر سيد عظيم، پروفيسر محمد عمر، پروفيسر ناصر حسين، آزادي تحريڪ فيصل آباد جي ڪامريڊ اصغر شاهين، پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس تنظيم جي اويس ڪرني، نيشنل يونين فيڊريشن جي حسيب ۽ پاڪستان يونائيٽيڊ ورڪرز فيڊريشن جي سعد چوڌري ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. جلسي ۾ جبري پورهيو مرده باد، پيشگي نظام مرده باد، مزدور جدوجهد زنده باد، آزادي تاريخ زنده باد“ جا نعرا هنيا ويا. بٺن جي مزدورن جي يونين جي اڳواڻن چيو ته بٺن ۽ ٻين ڪم وارن هنڌن تي ذهني، جسماني، معاشي ۽ جنسي استحصال جاري آهي، جڏهن ته پوليس ۽ مالڪن جي ڳٺ جوڙ سبب مزدورن تي ظلم ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، پاڪستان يونائيٽيڊ ورڪرز فيڊريشن جي اڳواڻن چيو ته پاڪستان ۾ يوني فارَم ليبر ڪوڊ هڪ ڪارو قانون آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو ۽ ان جي خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڄام تماچي خطاب ڪندي چيو ته بابا بُلھي شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، گل خان نصير ۽ رحمان بابا جي شاعري عوام جي شاعري آهي، جيڪا استحصالي نظام خلاف هڪ اوچو آواز آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ عوامي تحريڪ زمينن جي ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ قدرتي وسيلن جي لوٽ مار خلاف ڀرپور جدوجهد شروع ڪئي آهي ۽ يوني فارَم ليبر ڪوڊ کي رد ڪري ٿي، هن واضح ڪيو ته حڪمران طبقي، خاص طور بي بي مريم ۽ شهباز شريف، ملڪ کي غير ملڪي طاقتن جي هٿ وڪرو ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.