بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) جسقم بشير خان قريشي جي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ايوان صحافت بدين پهچيصحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪئنالن جو مسئلو اڃان تائين حل ٿي نه سگهيو آهي ۽ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ ڏنيون ويون آهن ان حوالي سان جدوجهد جو سلسلو جاري آهي ۽ 29 آگسٽ تي هزارين ماڻهن طرفان ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويندو، بدين جي ماڻهن سان رابطا مهم جو سلسلو پڻ هلندڙ آهي، هن چيو ته سنڌ دشمن منصوبن خلاف اسان جي مسلسل جدوجهد هلندڙ آهي، تازو عمر ڪوٽ ۾ پڻ هڪ زبردست ڌرڻو هنيو ويو هو اسان جو مقصد صرف اهو ئي آهي ته سنڌ دشمن منصوبا 6 ڪئنال وارو وارو منصوبو هميشه لاءِ ختم ڪيو وڃي ۽ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ ڏيڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻئي صورت ۾ هي جدوجهد تحريڪ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ منشيات کي هٿي وٺرائڻ ۾ وڏين قوتن جو هٿ آهي جن جو مقصد آهي ته سنڌي ماڻهن کي منشيات جو عادي بڻايو وڃي ته جيئن سنڌ جي تعليم کي تباھ ڪجي صحتمند ماڻهو بيمارين ۾ مبتلا بڻجي وڃن جيڪو سنڌ حڪومت جو ئي ڪم آهي ته هو منشيات جي روڪٿام لاءِ ڪردار ادا ڪري.