سنڌي قوم پنهنجي تاريخي وطن کي ٽوڙڻ واري ڳالھه برداشت نه ڪندي:وسند ٿري

ڪراچي/حيدرآباد/سکر( نمائندن وٽان) سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن ۽ ڊيمن، ڪارپوريٽ فارمنگ، فيڪٽرين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف عوامي تحريڪ طرفان عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، نور نبي پليجو، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر رزاق چانڊيو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سلما لاشاري، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر خالق گندرو، مٺا خان لاشاري، بلاول لاشاري، رياض عباسي، مجاهد بلوچ، فاضل لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهارو شهر ۾ گهارو گولائي کان مين بس اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته سنڌ ۾ نئون صوبو ٺاهڻ جي مهم دهشتگردي آهي، سنڌي قوم پنهنجي تاريخي وطن سنڌ کي ٽوڙڻ واري ڳالھه برداشت نه ڪندي، سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش ڪندڙن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته سنڌو درياهه جو پاڻي روڪي تمر جا ٻيلا ختم ڪيا ويا آهن، جنهنڪري ملڪ ۾ ماحولياتي تباهي آئي آهي، گليشيئرز جو ڦاٽڻ ٻيلن جي ختم ٿيڻ جو نتيجو آهي، حڪومت تمر جي ٻيلن جي بحالي ۽ ڌاڙيل واهه، ڪئنال ۽ ڊيم ختم ڪرڻ لاءِ سنجيدگي اختيار ڪري. ملڪ جا حڪمران ماحول دوست منصوبا آڻڻ بدران نوان ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهي ماحول دشمن منصوبن کي هٿي ڏئي رهيا آهن، وسند ٿري چيو ته پنجاب جي حڪمرانن ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهي سنڌ جو پاڻي بند ڪيو جنهنڪري سنڌ جي سامونڊي پٽي جي لکين ايڪڙ زرخيز زمين سمنڊ ڳهي ويو آهي، سمنڊ ۾ آيل زمين جي مالڪن کي معاوضو ڏنو وڃي. پنجاب جي حڪمرانن طرفان سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ سبب سنڌ کي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي، نور احمد ڪاتيار چيو ته پيپلز پارٽي جي ڪرپشن سنڌ جي شهرن کي گٽر نالا بڻائي ڇڏيو آھي، برساتن دوران حڪومتي ڪرپشن ظاهر ٿي پئي آهي. هن چيو ته ٺٽي جي ڪوھستان، ڪينجهر، هاليجي، ڀنڀور جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن، ٺٽي ۾ نوان ارغون ۽ ترخان حڪمران ڪري ويهاريا ويا آهن، جيڪي قبضن، منشيات ۽ ڪرپشن ۾ ملوث آهن، زيبسٽ يونيورسٽي جي نالي ۾ ڇهه هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سوين ماڻهن جا ڳوٺ، قبرستان، عبادتگاهون ۽ گذر صفر جا وسيلا شامل آهن. هن چيو ته درياهه ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ سبب ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعن جون لک ايڪڙ زمينون سمنڊ کائي ويو آهي. سلما لاشاري چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ قبضاگيري بند ڪئي وڃي، سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين بدران مقامي هارين کي ڏنيون وڃن. رزاق چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ منشيات کي عام ڪري سنڌي قوم کي غلام بڻائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، منشيات فروشن کي حڪومتي سرپرستي حاصل آهي،خالق گندرو چيو ته گهاري جي فيڪٽرين ۾ مقامي مزدورن کي روزگار نٿو ڏنو وڃي، سنڌ ۾ ڌارين کي قابض ڪرڻ لاءِ سنڌ جي فيڪٽرين ۾ ٻاهرين ماڻهن کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي، پني عاقل ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ قادر ڀٽو، سچل ڀٽي، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ شمشاد ٻپڙ، ايڊووڪيٽ ريحانا جتوئي، عوامي تحريڪ ضلعي سکر جي صدر اياز ڪلوڙ، مقبول راهوجو، مهراڻ سومرو، ذوالفقار ميراڻي، سرويچ سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئي وئي، هندو نياڻين کي اغوا ڪري مذهب مٽائي جبري شاديون ڪرڻ جي مذمت، نياڻين جي اغوا ۾ ملوث گروهه کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو، هوڏانهن ٽنڊي آدم ۾ مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، ڊاڪٽر دلدار لغاري، عطاءُ الله انڙ، راڻو ڪنڊاڻي، عقيل ماڪوڙاڻي، شمشاد لغاري،ممريم انڙ، علي نواز ڏاھري، هوشو خاصخيلي، خادم حسين ڪٽوهڙ  ۽ ٻين خطاب ڪيو، ٽنڊي محمدخان ۾ ھرچند لال، ڊاڪٽر مشتاق شورو،  غلام علي لغاري،علي شير پرھياڙ ۽ اڳواڻ دانش ڪمار جي اڳواڻي ۾مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ کي هٿي ڏني آهي، پريا ڪماري سالن کان وٺي ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهي پر حڪومت معصوم نياڻي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. اڳواڻن چيو ته سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضا ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، قبيلائي دھشتگردي، منشيات فروشي جهڙن ڏوهن کي هٿي ڏني وئي آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.