نئين مالي ايوارڊ لاءِ مالياتي ڪميشن اجلاس جمعي تي طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نئين اين ايف سي ايوارڊ لاءِ قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس 29 آگسٽ تي طلب ڪيو ويو آهي. مرڪز ۽ صوبن جي وچ ۾ ورهائجندڙ مالياتي وسيلن جي ورهاست جو فارمولو طئي ڪرڻ لاءِ 11هين قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس 29 آگسٽ تي طلب ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب اين ايف سي جي اجلاس ۾ وفاقي حڪومت مالياتي انگ اکر صوبن آڏو پيش ڪندي، جڏهن ته وزارتي ڪميٽي ايندڙ اين ايف سي ايوارڊ لاءِ حڪمت عملي اڳ ۾ ئي تيار ڪري چڪي آهي.

مالي وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت قرضن تي وياج جي ادائيگي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ٿيندڙ خرچن بابت به صوبن کي آگاهي ڏيندي. ذريعن موجب بي آءِ ايس پي (بينظير انڪم سپورٽ پروگرام) ۽ بچاءُ تي ايندڙ خرچن بابت به صوبن سان صلاح مشورو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.