ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي حب ڪينال کي نقصان بابت بيان تي مخالف ڌر جي اڳواڻ، سٽي ڪائونسل ۾ سيف الدين ايڊووڪيٽ پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته حالين برساتن دوران حب ڪينال جو معيار واضع طور سامهون اچي ويو آهي۔سيف الدين ايڊووڪيٽ چيو ته 100 ايم جي ڊي جي بدران صرف 40 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، ڇا 12 ارب رپين جو حب ڪئنال رڳو ڪاغذن تي ٺاهيو ويو هو؟هن جو چوڻ هو ته پراڻي ڪئنال جو پاڻي نئين ڪئنال ۾ وجهڻ سان پاڻي ٻيڻو ڪيئن ٿي ويو، اهو فارمولو به نٿو ٻڌايو وڃي.مخالف ڌر اڳواڻ وڌيڪ چيو ته افتتاح کان ٽي ڏينهن اڳ ئي اسان دوري دوران ٻڌايو هو ته ڪئنال نه مڪمل ٺهيو آهي ۽ نه ئي ڪم معيار موجب ڪيو ويو آهي۔