حيدرآباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪراچي ڊويزن جو اهم اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي، هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، قادر چنا، ڊاڪٽر سومار مڱريو، اعجاز سامٽيو، خير محمد مگسي، ڊاڪٽر مظھر ميمڻ، عاشق ٿهيم ۽ ٻير بخش بهلڪاڻي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ڪراچي ۾ سنڌي وسندين کي اڃا تائين ريگيولر نه ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ لکين سنڌي خاندان سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، صاف پاڻي، بجلي ۽ گيس جهڙيون بنيادي سهولتون موجود ناهن، جڏهن ته گهڻيون وسنديون ڪچري جي ڍيرن ۽ گندگي ۾ جڪڙيل آهن، هڪ مخصوص نسل پرست ٽولو ڄاڻي واڻي سنڌين کي ڪراچي مان پٺتي ڌڪڻ جي سازشن ۾ لڳل آهي. هن واضح ڪيو ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي ۽ ان کي ڪنهن به مخصوص ٽولي جي رحم ڪرم تي نٿو ڇڏيو وڃي. هن پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته اهي ڪراچي ۾ مضبوط تنظيمي نيٽ ورڪ جوڙين، سنڌي ماڻهن جي ڏک سک ۾ سندن ڀرجهلا ٿين ۽ خاص طور تي نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي جدوجهد تي ڌيان ڏين.