اسلام آباد/لاهور (عمران شفقت) عليما خان جي پٽ شاهريز کانپوءِ سندس ٻئي پٽ شير شاهه کي به گرفتار ڪيو ويو. عدالت پاران شاهريز جو 8 ڏينهن جو رمانڊ ڏنو ويو آهي. سلمان اڪرم راجا موجب، هڪ پاسي عمران خان جي ضمانت منظور ٿي ٻئي پاسي گرفتاريون ٿيون آهن، هو اهو ظاهر ڪرڻ چاهي پيو ته اهو انتقامي طور ٿيو آهي. ڪي ماڻهو چون ٿا ته عليما خان کي ڪلين چٽ ڏيڻ جو مقصد به ٿي سگهي ٿو، ڇو ته مائنس عمران خان کانپوءِ عليما خان ڏانهن قيادت وڃي ته سٺو ٿيندو. پارٽي ۾ عليما خان تي الزام به لڳندا رهيا آهن. ٻي ڳالهه اها چئي پئي وڃي ته کيس جيڪا رعايت ڏني وئي هئي هو ان جو ناجائز فائدو وٺي رهي هئي. ڪجهه ذريعن موجب، لاهور ۾ ڪرنل فائق کي پروموشن ملڻ کانپوءِ اهو لاهور مان هليو ويو آهي جنهن کانپوءِ سندس جاءِ تي نئون آفيسر آيو آهي ۽ اهو پنهنجي سختي ڏيکاري رهيو آهي ۽ داٻو ويهارڻ چاهي ٿو ته جيئن پي ٽي آءِ وارن کي اهو ڊپ رهي ته ڪرنل فائق کان ڏاڍو آفيسر آيو آهي.
عليمه خان جو ٻيو پٽ شير شاهه به گرفتار، شاهه ريز جو رمانڊ
لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جي وڪيل رانا مدثر دعويٰ ڪئي آهي ته عليمه خان جي ٻئي پٽ شير شاهه خان کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي، ٻئي پاسي انسداد دهشتگردي عدالت لاهور شاهه ريز خان، جيڪو گذريل ڏينهن گرفتار ٿيو هو، جنهن کي 9 مئي 2023ع جي جناح هائوس حملي واري ڪيس ۾ 8 ڏينهن لاءِ پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جناح هائوس حملي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان سلسلي ۾ پوليس گذريل ڏينهن گرفتار ڪيل عليمه خان جي پٽ کي عدالت ۾ پيش ڪيو. ان موقعي تي شاهه ريز خان جي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته جوابدار کي ٻن سالن جي دير سان گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس وٽ هن خلاف ڪهڙو مواد آهي؟ جڏهن ته سندس ماءُ هن ڪيس مان ڊسچارج ٿي چڪي آهي، تنهنڪري شاهه ريز خان کي به بري ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران پوليس ڪيس جو رڪارڊ پيش ڪرڻ لاءِ وقت گهريو ۽ شاهه ريز خان جي 30 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي. عدالت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ۽ ڪجهه دير بعد فيصلو ٻڌائيندي شاهه ريز خان جو 8 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو. عدالت ٻاهران ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته اڄ خبر پئي ته شاهه ريز به هن ڪيس ۾ گهربل آهي، جڏهن ته 6 کان 12 مئي تائين هو چترال ۾ هو، اِها بدحواسي آهي، سوچيل سمجهيل سازش آهي. ان موقعي تي عليمه خان جو چوڻ هو ته عمران خان کي ضمانت ملي ۽ ڪالهه منهنجي پٽ کي کڻي ويا، اسان اهڙين ڳالهين کان ڊڄڻ وارا ناهيون.
اسٽيبلشمينٽ 27 مهينا عليما خان کي استعمال ڪيو؟
اسلام آباد (مزمل سهروردي) اهي سوال آهن ته رياست 27 مهينا گرفتار ڇو نه ڪئي؟ کين رعايت ڇو ڏني وئي؟ اهو به چئي سگهجي ٿو ته عليما خان 27 مهينن کان اسٽيبلشمينٽ سان رابطي ۾ هئي، پٽن لاءِ اين آر او گهري رهي هئي، اسٽيبلشمينٽ طرفان ڏنل سهولت هاڻي ختم ٿي وئي آهي. ٻئي پاسي جيڪڏهن عليما خان جا پٽ غير سياسي هئا ته ڪور ڪمانڊر جي گهر ٻاهران ڇا ڪري رهيا هئا؟ احتجاج ۾ شريڪ هئا ته اهي سياسي ٿيا. عليما خان ملاقاتن لاءِ ويندي رهي آهي، هاڻي هو پٽن سان ملڻ ويندي يا ڀاءُ سان ملاقات لاءِ ويندي، کيس اهڙي چونڊ ۾ ڦاسايو ويو آهي ڇو ته هو هر خميس جي ڏينهن ٿيٽر لڳائيندي هئي. عليما خان اسٽيبلشمينٽ سان ڊبل گيم ڪري رهي هئي. اسٽيبلشمينٽ 27 مهينا عليما خان کي استعمال ڪيو، هاڻي اسٽيبلشمينٽ ان پوزيشن ۾ آهي ته گرفتاري ڪري ۽ عليما خان جي کين ضرورت ناهي. گرفتارين جو موسم هلي رهيو آهي. پي ٽي آءِ جي عدالتن مان سهولتڪاري ختم ٿي چڪي آهي، اسٽيبلشمينٽ مان به سهولتڪاري ختم ٿي چڪي آهي، جنرل رٽائر ٿي چڪا آهن.
تڪرار ختم ڪرڻ ئي نه ٿا ڏين: بيرسٽر گوهر
اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر عليمه خان جي ٻئي پٽ جي گرفتاري تي پنهنجي ردِعمل ۾ چيو ته جڏهن اسينڪوشش ڪريون ٿا ته تڪرار ختم ٿئي ته گرفتارين جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو، پي ٽي آءِ باني جي خاندان جي ميمبرن کي گرفتار ڪري سياسي تڪرار پيدا ڪيو پيو وڃي، عليمه خان جي پٽ شاهريز کان پوءِ ٻئي پٽ کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.
شاھ ريز کي کنڀڻ سنگين بربريت جو چٽو مثال آهي: زين شاهه
ڪراچي(پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ چيو آهي ته ملڪ ۾ قانون ۽ انصاف جي ڌڄِيُون اڏايون پيون وڃن، لاهور ۾ عليمه خان جي رهائشگاھ تي سادا ڪپڙا پاتل هٿياربند ماڻهن جو حملو ۽ سندس پٽ شاھ ريز کي اغوا ڪرڻ سنگين بربريت جي کليل مثال آهي، هي انتهائي شرمناڪ ۽ قابل مذمت واقعو آهي، جيڪو ان ڳالھه کي ظاهر ڪري ٿو ته حڪومت سياسي مخالفن کي چيڀاٽڻ لاءِ رياستي ادارن کي هٿيار بڻائي ڇڏيو آهي، هي سياسي مخالفن کي دٻائڻ ۽ خوف حراس ڦهلائڻ جي هڪ منظم حڪومتي پاليسي آهي. حڪومت ۽ ان جا ماتحت ادارا عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ بدران مخالف سياسي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ انهن جي گهرڀاتين کي نشانو بڻائي آمراڻي روين جون بدترين مثالون قائم ڪري رهيا آهن، هن چيو ته اسين عوام ۽ جمهوري قوتن سان گڏجي هن ظالماڻي حڪومت جو ڀرپور مقابلو ڪنداسين.