اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جو نظام ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وفاقي ڪابينا يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان تحت ڪارپوريشن جا سڀ ملازم فارغ ڪيا ويندا، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ واپار جي وزارت جي سفارش تي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي ختم ڪرڻ جي باضابطه منظوري ڏني وئي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪارپوريشن جي ختم ڪرڻ سان ملازمن جي حقن جو مڪمل تحفظ ڪيو وڃي ۽ سڀني قانوني گهرجن کي شفافيت سان پورو ڪيو وڃي. ياد رهي ته يوٽيلٽي اسٽورز اڳ ۾ 31 جولاءِ تي بند ڪيا ويا هئا ۽ صنعت واري وزارت ۽ پيداوار طرفان ان جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو هو، يوٽيلٽي اسٽورز وزيراعظم ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي منظوري کان پوءِ بند ڪيا ويا هئا، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن 1971 ۾ قائم ڪئي وئي هئي، جنهن جو مقصد گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي کاڌ خوراڪ جي شين ۾ رليف فراهم ڪرڻ هو، شروعات ۾ ملڪ ۾ رڳو 20 اسٽورز کوليا ويا هئا، جيڪي اسٽاف ويلفيئر آرگنائيزيشن کان حاصل ڪيا ويا هئا، پر وقت سان گڏ انهن جو انگ وڌندو ويو ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ تائين پکڙجي ويو، هڪ رپورٽ موجب، ملڪ ۾ 4 هزار کان وڌيڪ يوٽيلٽي اسٽورز موجود هئا، جتي مجموعي طور 17 هزار ملازم ڪم ڪري رهيا هئا.