روڊن تي پاڻي بيهڻ سبب سنڌ ۾ آئل ٽينڪرن جي سپلاءِ متاثر

ڪراچي (م ڊ) آل پاڪستان آئل ٽينڪر اونرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين مير شمس شاهواني چيو آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب آئل ٽينڪر جي سپلاءِ متاثر ٿي آهي. هن ٻڌايو ته ڪراچي مان ئي سڄي پاڪستان کي فيول جي فراهمي ٿيندي آهي، جيڪا رستن جي بندش سبب رڪجي وئي آهي. مير شمس شاهواني جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت طرفان عملي قدم کنيا ويندا تڏهن ئي سپلاءِ بحال ٿي سگهندي، نه ته ملڪ گير سطح تي فيول جي فراهمي متاثر رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.