وڏي وزير پاران برسات ۾ تڪليف تي شهريَن کان معذرت

ڪراچي(م ڊ ) ڪراچي ۾ ٻه ڏينهن جي برسات دوران پيش ايندڙ تڪليف تي وڏي وزير مراد علي شاهه شهريَن کان معذرت ڪئي آهي، جيو نيوز جي پروگرام جيو پاڪستان ۾ ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ 200 ملي ميٽر برسات سبب اربن فلڊنگ ٿي، 3 ڪلاڪ  طوفاني برسات پوڻ کان پوءِ بٽڻ دٻائي سڄو پاڻي ختم ڪرڻ ممڪن ناهي، برسات کان پوءِ پيدا ٿيل مشڪل صورتحال تي شهريَن کان معذرت ڪريان ٿو، ٻي پاسي ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته هن وقت شهر جون سڀ وڏيون شاهراھون صاف آهن ۽ ڪٿي به برسات جو پاڻي بيٺل ناهي، سندس چوڻ هو ته ايف بي ايريا ۾ ڪم اسان ڪرايو آهي، نالن جي بروقت صفائي سبب گرائونڊ تي صورتحال بهتر آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.